راڌڻ (رپورٽ: ھريش ڪمار) راڌڻ ۾ ميلي ۾ معمولي ڳالھه تان بروھي پاڙي ۾ ٻيھر جهيڙو، ھڪ نوجوان قتل ڌريون مورچا بند، راڌڻ ۾ فضل فقير جي ميلي دوران بروھي ۽ سولنگي برادري جي ٻن ڌرين معمولي ڳالھه تان ڪلھو لڳڻ سبب جيھڙو ٿي پيو ھڪ ڏينهن اندر ٻنھي ڌرين جو جهيڙو ٻن کان ٽي چڪر ٿيو، جھيڙي دوران ڇتي فائرنگ سبب راڌڻ ڀرسان ڳوٺ جلال جتوئي جو رھواسي 24 ورھين جو نوجوان عبدالعزيز عرف توفيق جتوئي ولد عبدالخالق جتوئي ۽ نوجوان نثار سولنگي زخمي ٿي پيا زخمين کي اسپتال موڪليو ويو جتي نوجوان عبدالعزيز عرف توفيق احمد جتوئي قتل ٿي ويو، جھيڙي ۾ فائرنگ دوران ماڻھن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، ڪيترن ئي ڪلاڪن کان فائرنگ جو سلسلو جاري رھڻ سبب شھر ۽ ڀرپاسي ۾ خوف حراس ڦھلجي ويو پوليس واقعي واري ٻن ڪلاڪن کان پوءِ پھتي زخمي نوجوان نثار سولنگي کي لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏھن ته سولنگي ڌر جي احسان سولنگي ٻڌايو ته راڌڻ ميلي ۾ سولنگي ۽ بروھي برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالھه تان ڇڪتاڻ ٿي پئي جنھن بعد اياز بروھي ۽ سارنگ بروھي وارا ھٿياربند وٺي اچي حملو ڪيو ۽ سندن فائرنگ سبب عبدالعزيز عرف توفيق جتوئي گوليون لڳڻ سبب قتل ٿي ويو، انصاف ڪيو وڃي، ايس ايڇ او راڌڻ غلام حيدر چانڊيو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته شرواعتي اطلاعن موجب سولنگي ۽ بروھي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ميلي دوران موٽرسائيڪل جو ٽڪر لڳڻ سبب ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي ڌريون کي شراب پيتل ھو جنھن کان پوءِ بروھي برادري جي مبينا فائرنگ سبب ھڪ نوجوان توفيق جتوئي مارجي ويو، وڌيڪ جاچ ڪيون پيا، ٽن ڄڻن محمد مراد بروهي، سارنگ بروهي ۽ اياز بروهي راڌڻ پوليس وٽ گرفتاري ڏني آھيئ
ميرپورخاص ڀرسان هانءُ ڏاريندڙ واقعو، مڙس ڪهاڙيون هڻي زال ماري ڇڏي
ميرپورخاص(رپورٽ: محمد صالح اوٺو) ميرپورخاص لڳ وحشي صفت مڙس ڪارنهن جي الزام هيٺ زال کي ڪهاڙين جا ڌڪ هڻي بي رحمي سان قتل ڪري ڇڏيو، ڳوٺاڻن وحشي صفت مڙس کي سوگھو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، ميرپورخاص لڳ تعلقي حسين بخش مري جي ڳوٺ مرزا واٽر جي رهواسڻ 30 ورهين جي عورت ناجوڙي ڪولهي کي سندس وحشي صفت مڙس ڪشور ڪولهي ڪارنهن جي الزام هيٺ مغز ۽ جسم جي مختلف حصن تي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، مڙس پاران ڪهاڙيون هڻي مرڻينگ ڪرڻ تي زخمي عورت گھر جي اڱڻ ۾ تڙپي تڙپي دم ڏنو، مڙس پاران زال کي قتل ڪرڻ ۾ ملوث مڙس ڪشور ڪولهي پاران فرار ٿيڻ جي ڪوشش تي ڳوٺاڻن قاتل مڙس کي سوگھو ڪري رسن سان ٻڌڻ بعد پوليس کي اطلاع ڪيو جنهن تي حد جي پراڻي ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي سوگھو ڪيل قاتل کي گرفتار ڪري لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال پچايو جتان لاس جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش عورت جي وارثن حوالي ڪيو ويو، سول اسپتال آڏو احتجاج ڪندي عورت جي وارثن چيو ته اشوڪ اڪثر باجوڙي تي تشدد ڪندو هو ۽ مائٽن کان پئسا کڻي اچڻ لاءِ چوندو هو اسين هر مهيني ڪجھ هزار روپيا باجوڙي کي ڏيندا هئاسين، صبح جو ڳوٺاڻن فون ڪيو ته باجوڙي کي سندس مڙس ڪهاڙيون هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو آهي اهڙي اطلاع تي اسان پنهنجي ڳوٺ خواجا اسٽاپ کان روانا ٿي ڳوٺ پهتاسين ته باجوڙي جو لاش گھر اڳيان خون ۾ لت پت پيل هو، هنن مطالبو ڪيو ته قاتل کي ڦاهي جي سزا ڏئي اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي، قتل جي حوالي سان پراڻي ميرپور ٿاڻي جي ايس ايڇ او ڪامران هاليپوٽي چيو ته قتل ۾ ملوث عورت جي مڙس کي گرفتار ڪيو ويو آهي، عورت جي لاش پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪئي آهي شروعاتي بيانن موجب مڙس پنهنجي زال کي ڪارنهن جو الزام لڳائي قتل ڪيو آهي، وارثن پاران عورت جون آخري رسمون ادا ڪري ٿاڻي تي اچڻ بعد ڪيس درج ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي.
تنگواڻي ڀرسان مبينا ڪارنهن الزام هيٺ عورت قتل
تنگواڻي/ غوثپور (رپورٽ: مهتاب ملڪ/ عبدالجبار اوڳاهي) غوثپور ڀرسان جمال پوليس ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ هادي بخش ڪوڪاري ڀرسان مڙس هٿان زال قتل، مليل تفصيل موجب جوابدار مڙس برڪت نندواڻي مبينه طور ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي زال مسمات روبينا خاتون نندواڻي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، اھڙي واقعي جو اطلاع ملڻ تي جمال پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولا جو لاش کڻائي ڪنڌ ڪوٽ اسپتال آندو جتي ضروري ڪارروائي ۽ پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او جمال قربان بنگوار چيو ته جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن، ڏوھاري کي سوگھو ڪري قانون جي ڪٽھري ۾ آڻيو ويندو، جمال پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيو جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو علائقي ۾ چوٻول آهن ته جوابدار مڙس پنهنجي زال روبينا خاتون نندواڻي کي ڪارنهن الزام هيٺ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.