سال ويهه سئو پنج ۾ ”فيم گروڪل“ جي اسٽيج تي ارڙهن ورهين جو هڪ ڳڀرو، جيڪو مقابلو ته هارائي ويو هو، پر هن جو حوصلو هماليا جئن اڏول هو.
هن کي ڏسي ڪميونسٽ، شاعر ۽ اسڪرين رائيٽر جاويد اختر چيو هو ته: ”هي تنهنجو گهٽ، پر هن شو جو وڏو نقصان آهي.“
شايد ان جملي ئي هن کي مُنجهيل، ڏُکين پيچرن ڏانهن وڌڻ جو گس ڏسيو هو.
هو ھوريان ھوريان وکون وڌائيندو، نيٺ هڪ ڏينهن پنهنجي منزل تي رسي ويو ۽ چؤڏس هن جي گيتن جا رنگ وکري ويا…
دل سنڀل جا ذرا،
ڦر محبت ڪرني چلا هي تو…
خاموشيان…
آج ڦر تم پي پيار آيا هي…
تم هي هو…
محبت برسا دينا تو ساون آيا هي..
رنگ دي تو موهي گيروا…
وه صبح ڪڀي تو آئيگي…
۽ پوءِ هڪ کان هڪ سپر هٽ گيت ھن جي حصي ۾ ايندا ويا، پيار، ويراڳ، عبادت ۽ ڏک انساني جيون جي هر پيڙا، جذبو هن جي آواز ۾ سمائجي ويو… پر اهو آواز، جنهن ڪيئي دلين جي احساسن ۽ ڪيفيتن جي ترجماني ڪئي هئي، تنهن جڏهن اوچتو خاموش رهڻ جو اعلان ڪيو ته کن پل لاءِ من ۾ سوال اُڀريو تي:” ڇا آواز به ماٺا ٿي ويندا آهن؟“
ھا، ارجيت سنگهه فلمن لاءِ ڳائڻ ڇڏي ڏنو آهي، اهي فلمون، جن ذريعي پهريون ڀيرو هن شخص جو آواز منهنجي ڪنن تي پيو هو، هاڻ هو انهن فلمن لاءِ پلي بيڪ سنگنگ نه ڪندو.
مان ڏهاڪو سال پوئتي موٽي وڃان ٿو، هندي سئنيما ۾ منهنجي پسنديده هدايتڪار انوراگ باسوءَ جنهن ڪنهن زماني ۾ ”لائف اِن اَي ميٽرو“ ٺاهي هئي، تنهن ٻه ھزار ٻارنهن ۾ الينا ڊي ڪروز، پريانڪا چوپڙا ۽ رنبير ڪپور ساڻ به هڪ فلم ٺاهي هئي، جنهن جو نالو رکيو ھئائين ”برفي…!“ ان ئي فلم ۾ مون پهريون ڀيرو هن جو آواز ٻڌو هو ۽ هو ڳائي رهيو هو…
ڦر لي آيا دِل، مجبور ڪَيا ڪيجئي،
راس نه آيا رهنا دور، ڪيا ڪيجئي،
دِل ڪهه ريا اسي مڪمل ڪر ڀي آؤ
وه جو اڌوري سي بات باقي هي،
وه جو اڌوري سي ياد باقي هي…
هن پردي پٺيان نه ڳائڻ جو فيصلو ڇو ڪيو؟ اهو سوال نه رڳو انڊسٽريءَ سان واڳيل ماڻهن لاءِ ڪنهن جهٽڪي کان گهٽ ڪونهي، پر هن جي آواز جي عاشقن لاءِ به دنگ ڪندڙ آهي.
ڀلا چاليهه ورهين جي عمر ۾، جڏهن ڪيريئر جوڀن تي هجي، جڏهن آواز جي گهر ۾ ماٺار نه آئي هجي، جڏهن هر ڪوئي هن جي آواز تي ڪروڙين خرچ ڪرڻ لاءِ تيار هجي، تڏهن ڪو فنڪار سمورين شين کان ڇو پاسيرو ٿي وڃي ٿو؟
ان سوال جو جواب فقط ارجيت ئي ڏئي سگهي ٿو.
اهو ارجيت، جيڪو اسٽيج کان وڌيڪ خاموش ماڳن تي رهڻ پسند ڪري ٿو، جيڪو ممبئيءَ کان ڪوهين ڏور مرشدآباد ۾ پنهنجي زال ۽ ٻن پٽن سان رهي ٿو ۽ اتان کان پنهنجي ڪيريئر، ميوزڪ ڪمپني ۽ فلم پروڊڪشن هائوس کي سنڀالي ٿو، ھن اباڻي گهر ۾ قائم رڪارڊنگ اسٽوڊيو ان ڳالهه جي شاهدي آهي ته هو شهرت جي لڙ کان لنوائي به گهڻو ڪجهه تخليق ڪري سگهي ٿو.
پر ميڊيا رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گلوڪار اهو فيصلو سالن کان سندس اندر پلجندڙ هڪ خواهش سبب ڪيو آهي.
انوراگ باسو موجب، کيس ان فيصلي تي قطعي حيرت ناهي ٿي، ڇو ته ارجيت گلوڪار نه پر هڪ مڪمل تخليقڪار آهي، جيڪو زندگيءَ ۾ گهڻو ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿو.
هن انڪشاف ڪيو آهي ته برفي جي شوٽنگ دوران به هن اسسٽنٽ طور ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي.
سو اها ڳالهه واضح ٿي وئي ته جنهن جون آڱريون گٽار مان ڌنن جا گل ٽڙائينديون هيون، تنهن جي اکين ۾ فلمسازي، ڪهاڻي، فريم ۽ خاموشيءَ جهڙا خواب به پلجي رهيا هئا.
اهو ئي ڪارڻ آهي ته هاڻي هو هدايتڪار طور پنهنجي پهرين هندي فلم تي ڪم ڪري رهيو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، اها هڪ ايڊونچر فلم ھوندي، جنهن ۾ نوازالدين صديقي مک ڪردار ۾ نظر ايندو، فلم جي شوٽنگ گرو ديو رابندر ناٿ ٽئگور جي وديالي/آشرم شانتي نڪيتن ۾ جاري آهي ۽ فلم جي ڪهاڻي ارجيت جي گهرواري ڪوئل سنگهه لکي آهي.
ارجيت ان شخص جي فلسفي کان متاثر آهي، جنهن بابت چيو ويندو آهي ته هن وٽ شين کي پرکڻ لاءِ ٽِين اک هئي، ڇو ته جيڪا شيءِ ٻين جي نظرن کان اوجهل رهندي هئي، اها هن کي نظر اچي ويندي هئي، اُھو شخص جنهن کي فلمي دنيا اڄ ستيه جيت ري جي نالي سان ڄاڻي ٿي.
ارجيت، ستيه جيت ري کان متاثر ٿي، پنهنجي موسيقي جي استاد راجيندر پرشاد هزاري جي زندگيءَ تي فلم ٺاهي چڪو آهي.
هونئن ته ھو ڏاڍو حساس فنڪار آهي، جنهن جي حصي ۾ اڄ تائين ڪيترائي قومي ۽ بين الاقوامي اعزاز آيا آهن، پر هو هميشه چپ چاپ ۽ روشنين جي جهرمٽ کان ڏور نظر آيو آهي.
اها هيکلائي پسندي هن لاءِ ڪيترن ئي موقعن تي مسئلا به کڙا ڪندي رهي آهي، پنهنجي مرضيءَ موجب ڪم ڪرڻ جي عادي ارجيت جي سڀ کان وڏي خوبي ”نه“ ڪرڻ آهي، هن ان ”نه“ سان ماضيءَ ۾ ڪيئي ئي زورآورن کي چيڙائي ڇڏيو ھو، جنهن ۾ سلمان خان سان سندس تڪرار کي گهڻي ڪوريج ملي، پر هن پنهنجي اصولن تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ۽ سلمان خان کي ٺاهه جو رستو اختيار ڪرڻو پيو.
هاڻي ارجيت ڀلي پردي پٺيان نوان گيت ڳائيندي نظر نه اچي، پر هو خاموش ناهي ٿيو، بس هو هڪ دائري مان نڪري ويو آهي، ھا، ڪجهه مست الست اهڙا هوندا آهن، جيڪي ڪنهن دائري جي قيد ۾ رهڻ پسند ناهن ڪندا، انهن کي ئي جينوئن فنڪار چئبو آهي…