دبئي(ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ آمريڪي ٽيم جي اهم رانديگر ايرون جونز کي عارضي طور معطل ڪري ڇڏيو.
آءِ سي سي اربع ڏينهن آمريڪي بيٽر ايرون جونز کي آءِ سي سي ۽ ڪرڪيٽ ويسٽ انڊيز (سي ڊبليو آءِ) جي اينٽي ڪرپشن ڪوڊز جي ڀڃڪڙي تي عارضي طور معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
آءِ سي سي موجب، 31 ورهين جي بيٽر خلاف لڳايل الزامن جو گهڻو حصو بِم 10 ٽورنامينٽ 2023-24 بابت آهي، جيڪو سي ڊبليو آءِ اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي اختيار ۾ اچي ٿو، جڏهن ته ٻه الزام انٽرنيشنل ميچز بابت آهن، جيڪي آءِ سي سي جي دائري ۾ اچن ٿا.
ايرون جونز تي هيٺيان الزام لاڳو ڪيا ويا آهن:
سي ڊبليو آءِ ڪوڊ جي آرٽيڪل 2.1.1 جي ڀڃڪڙي:
بِم 10 ٽورنامينٽ 2023/24 دوران ميچ جي نتيجي، اڳڀرائي، طرزِ عمل يا ڪنهن به پهلوءَ کي فڪس ڪرڻ، سازش ڪرڻ يا غير قانوني طور متاثر ڪرڻ (يا ان جي ڪوشش ڪرڻ) جو الزام آهي.
سي ڊبليو آءِ ڪوڊ جي آرٽيڪل 2.4.2 جي ڀڃڪڙي:
ڪرڪيٽ ويسٽ انڊيز کي اهڙي ڪنهن به آڇ يا رابطي جا تفصيل فراهم نه ڪرڻ، جيڪا اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ڀڃڪڙي جي زمري ۾ اچي ٿي.
سي ڊبليو آءِ ڪوڊ جي آرٽيڪل 2.4.4 جي ڀڃڪڙي:
نامزد اينٽي ڪرپشن آفيسر طرفان ڪيل مناسب جاچ ۾ سهڪار نه ڪرڻ يا انڪار ڪرڻ.
آءِ سي سي ڪوڊ جي آرٽيڪل 2.4.4 جي ڀڃڪڙي:
آءِ سي سي اينٽي ڪرپشن يونٽ (اَي سِي يو) کي ڪرپٽ سرگرمين بابت ملندڙ آڇن يا رابطن جا مڪمل تفصيل فراهم نه ڪرڻ.
آءِ سي سي ڪوڊ جي آرٽيڪل 2.4.7 جي ڀڃڪڙي:
امڪاني ڪرپٽ سرگرمين جي جاچ ۾ رنڊڪ وجهڻ، تفصيل لڪائڻ يا انهن ۾ ڦيرڦار ڪرڻ ، جيڪي ثبوت بڻجي سگهن پيا.
آءِ سي سي موجب، اهي الزام هڪ وڏي جاچ جو حصو آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ ٻين ماڻهن مٿان به الزام لاڳو ٿي سگهن ٿا.
آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته ايرون جونز کي فوري طور هر طرز جي ڪرڪيٽ تان معطل ڪيو ويو آهي ۽ کيس 28 جنوري 2026 کان 14 ڏينهن اندر الزامن جو جواب ڏيڻو پوندو.
ايرون جونز جي معطلي آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 جي شروعات کان ڪجهه ڏينهن اڳ سامهون آئي آهي، ميگا ايونٽ جا مقابلا 7 فيبروري کان 8 مارچ تائين ڀارت ۽ سريلنڪا جي گڏيل ميزباني هيٺ کيڏيا ويندا.
تازي اڳڀرائي سبب آمريڪا کي ميگا ايونٽ لاءِ متبادل رانديگر بابت غور ڪرڻو پئجي سگهي ٿو، ڇو ته اڃا تائين يو ايس اي اسڪواڊ جو اعلان ناهي ڪيو ويو.
واضح رهي ته ايرون جونز هينئر تائين آمريڪا جي نمائندگي ڪندي 52 ون ڊي انٽرنيشنل ۽ 48 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچون کيڏي چڪو آهي، هن هڪ سينچري ۽ 13 ففٽين جي مدد سان ڪُل 2434 رنسون اسڪور ڪيون آهن.