پاڪستان پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ آسٽريليا کي 22 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽن ميچن جي سيريز جي پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ آسٽريليا کي 22 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي.
لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستاني ڪپتان سلمان علي آغا ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.
پاڪستان مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 168 رنسون ٺاهيون، آسٽريليا خلاف پاڪستان جي شروعات سٺي نه رهي، ميچ جي پهرين ئي بال تي صاحبزاده فرحان کاتو کولڻ بنا آئوٽ ٿي ويو، صائم ايوب 40 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو
سلمان علي آغا 39، بابر اعظم 24، فخر زمان 10، عثمان خان 18، شاداب خان هڪ ٺاهي پويلين موٽيو.
آسٽريليا جي ايڊم زمپا 4 ، جڏهن ته بارليٽ ۽ بيئرڊمين 2،2 وڪيٽون ورتيون.
پاڪستان جي 169 رنسن جي جواب ۾ آسٽريليا جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن تي 146 رنسون ئي ٺاهي سگهي.
آسٽريليا جي ڪئمرون گرين 36 ۽ بارليٽ 34 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان طرفان صائم ايوب ۽ ابرار احمد 2،2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته شاداب خان ۽ محمد نواز جي حصي ۾ هڪ، هڪ وڪيٽ آئي.
صائم ايوب کي آل رائونڊ ڪارڪردگي تي مين آف دي دي ميچ قرار ڏنو ويو.
گرين شرٽس کي 3 ميچن جي سيريز ۾ هڪ ٻُڙي جي سرسي حاصل ٿي وئي آهي، سيريز جي ٻي ميچ 31 جنوري تي قذافي اسٽيڊيم ۾ ئي کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.