حارث رئوف جهڙي وڪيٽ ٽيڪر بالر کي ورلڊ ڪپ ٽيم مان ڊراپ ڪرڻ تي حيران آهيون: ڪلارڪ/فنچ

سڊني (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ ۾ فاسٽ بالر حارث رئوف کي شامل نه ڪرڻ تي آسٽريليا جي اڳوڻي ڪپتانن مائيڪل ڪلارڪ ۽ ايرون فنچ حيرت جو اظهار ڪيو آهي.
هڪ پروگرام دوران ڪلارڪ ۽ فنچ کان بي بي ايل ۾ شاندار ڪارڪردگي باوجود حارث رئوف کي ٽيم ۾ شامل نه ڪرڻ بابت سوال ڪيو ويو، جنهن تي ايرون فنچ چيو ته حارث جي اسڪواڊ ۾ شامل نه ٿيڻ تي کيس ڏاڍي حيرت ٿي.
پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي ايرون فنچ چيو ته حارث رئوف ٽيم ۾ ايڪس فيڪٽر آهي، اِها ٻي ڳالهه آهي ته ڪڏهن ڪڏهن هو ٿورو مهانگو ثابت ٿيندو آهي.
هن چيو ته سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته ٽيم وٽ اهڙو حقيقي بالر هجي جيڪو راند جي ٽنهي مرحلن ۾ وڪيٽون وٺي سگهي ۽ منهنجي خيال ۾ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ وڪيٽون وٺڻ سڀ کان وڌيڪ اهم هوندو آهي، خاص طور تي فليٽ پچن تي.
ٻئي پاسي مائيڪل ڪلارڪ چيو ته کيس به حارث رئوف جي نه چونڊجڻ تي حيرت ٿي، پر اهو به سچ آهي ته آسٽريليا ۾ کيڏڻ سريلنڪا ۽ ڀارت ۾ کيڏڻ کان مختلف آهي.
پنهنجي ڳالهه جاري رکندي مائيڪل ڪلارڪ چيو ته جتي کيڏڻو هوندو آهي، اتان جي ڪنڊيشن موجب اسڪواڊ ترتيب ڏني ويندي آهي ۽ رانديگرن کي سندن رول موجب ٽيم ۾ چونڊيو ويندو آهي.
هن چيو ته جيڪو ڪردار بي بي ايل ۾ حارث رئوف جو هو، اهو شايد هتي ڪم نه اچي ۽ سندس خيال ۾ رانديگر جي فارم به گهڻو اهم هوندو آهي.
مائيڪل ڪلارڪ وڌيڪ چيو ته جڏهن ورلڊ ڪپ لاءِ اسڪواڊ چونڊيو ويندو آهي ته ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته رانديگر ٽورنامينٽ ۾ سٺي ڪرڪيٽ ۽ بهتر فارم سان داخل ٿين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.