افغان شهري کي پاڪستاني خاندان ۾ ڪيئن شامل ڪيو ويو؟ عدالت نادرا تي ڪاوڙجي پئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نادرا طرفان فيملي ٽري ۾ اڻ لاڳاپيل شخص کي شامل ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران عدالت نادرا اختيارين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته افغان شهري کي پاڪستاني خاندان جي فيملي ٽري ۾ ڪيئن شامل ڪيو ويو؟
عدالت نادرا کي 10 ڏينهن ۾ سڄي فيملي جي قانوني دستاويزن جو جائزو وٺڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪو اڻ لاڳاپيل شخص درخواستگذار جي فيملي ٽري ۾ شامل آهي ته نالو خارج ڪيو وڃي.
درخواستگذار جي وڪيل چيو ته نادرا اختياريون رشوت وٺي افغان شهرين کي پاڪستانين جي فيملي ٽري ۾ شامل ڪري ڇڏينديون آهن، 40 لک افغان پناهگير پاڪستان ۾ آهن ته 20 لکن پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڇڏيا آهن.
درخواستگذار جي وڪيل وڌيڪ چيو ته افغان شهري پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ تي سڄي دنيا گهمي رهيا آهن، افغان شهري نقيب الله کي درخواستگذار جي فيملي ٽري ۾ شامل ڪيو ويو، جڏهن ته درخواستگذار محمد اڪرم جي سڄي فيملي جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيا ويا آهن.
جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ چيو اهي ته پاڪستاني آهن انهن جا ڪارڊ ڇو بلاڪ ڪيا ويا آهن؟ هڪ نقيب الله جي ڪري سڄي فيملي کي ڇو ڦاسايو ويو آهي؟
جسٽس ذوالفقار سانگي چيو ته پيسا وٺي هر فيملي ۾ نه ڄاڻ ڪيترا ماڻهو شامل ڪيا ويا هوندا؟
پوءِ عدالت نادرا کي 10 ڏينهن ۾ سڄي فيملي جي قانوني دستاويزن جو جائزو وٺڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.