صحت مند زندگي گذارڻ هر انسان جي بنيادي ضرورت آهي، ڇو ته روزمرهه جون ساديون عادتون به جسم جي اهم عضون تي گهرو اثر ڇڏين ٿيون.
ماهرن موجب مناسب ننڊ، متوازن خوراڪ جي استعمال ۽ غير صحتمند عادتن کان پاسو ڪرڻ سان ڪيترين ئي بيمارين کان بچي سگهجي ٿو.
صحت بابت ڪجهه ساديون پر اهم صلاحون هيٺ پيش ڪجن ٿيون.
دماغ کي تازو ۽ توانو رکڻ لاءِ روزانو گهٽ ۾ گهٽ 8 ڪلاڪ ننڊ ضرور ڪرڻ گهرجي، مناسب ننڊ سان ذهني دٻاءُ گهٽ ٿئي ٿو ۽ يادداشت بهتر رهي ٿي.
نظر کي ٺيڪ رکڻ لاءِ سمهڻ کان اڳ پيرن تي تيل سان هلڪي مالش ڪرڻ فائديمند سمجهي وڃي ٿي، جنهن سان آرام ملي ٿو ۽ نظر تي به سٺو اثر پوي ٿو.
معدي جي صحت برقرار رکڻ لاءِ ٿڌين شين جي وڌيڪ استعمال کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ڇو ته اهي هاضمي کي متاثر ڪري سگهن ٿيون.
جگر کي صحتمند رکڻ لاءِ بازاري کاڌي ۽ فاسٽ فوڊ کان پاسو ڪرڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙو کاڌو جگر تي واڌو بار وجهي ٿو.
مثاني جي صحت لاءِ ڪچو بصر کائڻ فائديمند سمجهيو وڃي ٿو، جيڪو قدرتي طور مثاني جي صفائي ۾ مدد ڪري سگهي ٿو.
ڳلي جو خيال رکڻ لاءِ ڪارن مرچن جو مناسب استعمال مفيد آهي، جيڪو ڳلي جي تڪليف ۾ آرام ڏئي سگهي ٿو.
ڦڦڙن کي صحتمند رکڻ لاءِ سگريٽ واپرائڻ مڪمل طور بند ڪرڻ گهرجي، ڇو ته تمباڪ ڦڦڙن کي سخت نقصان پهچائي ٿو.
دل کي صحتمند رکڻ لاءِ لوڻ ۽ سڻڀ واري خوراڪ جو استعمال گهٽ ڪرڻ گهرجي، جيئن بلڊ پريشر ۽ دل جي بيمارين کان بچاءُ ٿي سگهي.
نڪ جي صحت لاءِ ڦودني جو استعمال فائديمند آهي، جيڪو نڪ بند ٿيڻ ۽ زڪام ۾ آرام ڏئي سگهي ٿو.
نوٽ: اها سموري ڄاڻ عام ۽ تجربي تي ٻڌل آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي صحت بابت سنجيده يا دائمي مسئلا هجن ته ڊاڪٽر سان صلاح ڪرڻ ضروري آهي.
You might also like