لاهور (ويب ڊيسڪ) ماضي جي مشهور راڳي ۽ موجوده سياستدان جواد احمد اڄڪلهه پنهنجي تڪراري بيانن سبب خبرن جي زينت بڻيل آهي.
موسيقي جي دنيا کان پاسيرو ٿيڻ کانپوءِ جواد احمد اڪثر سياسي شخصيتن، شوبز ستارن ۽ پنهنجن همعصرن تي تنقيد ڪندي نظر ايندو آهي، جنهن سبب کيس به موٽ ۾ سخت تنقيد جو منهن ڏيڻو پوي ٿو.
گلوڪار ويجهڙ ۾ هڪ نيوز شو دوران ملڪ جي مشهور گلوڪارن کي ”لالچي“ قرار ڏنو.
جواد احمد جو چوڻ هو ته هن پنهنجي سياسي وابستگي سبب موسيقي کي الوداع چيو ۽ هاڻي کيس گلوڪاري واري شعبي مان ڪا به آمدني حاصل نٿي ٿئي، ڇو ته سندس خيال آهي ته هن شعبي ۾ مالي لالچ نه هئڻ گهرجي.
هن دعويٰ ڪئي ته سندس دور ۾ فنڪار عوام لاءِ هر هنڌ موجود هوندا هئا ۽ سندن ڪيسٽون رڪارڊ ٽوڙ ڪاروبار ڪنديون هيون، ايتري قدر جو ڀارت ۾ به ماڻهو سندن ڪاميابي تي دنگ رهجي ويندا هئا.
جواد احمد موجب، هو ڳوٺن ۾ بنا معاوضي گانا ڳائيندو هو ۽ رڳو اها ئي شرط رکندو هو ته گانا سبق ڏيندڙ هجن.
هن موجوده ڳائڻن تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته اڄڪلهه ڪيئي فنڪار رڳو شادين ۽ ڪارپوريٽ تقريبن تائين محدود ٿي ويا آهن ۽ عام مداحن کان پري ٿي چڪا آهن.
سندس خيال ۾ اهو رويو فن ۽ فنڪار ٻنهي لاءِ هاڃيڪار آهي، ڇو ته جنهن عوام کين شهرت ڏني، اهو هاڻي سندن ترجيحن ۾ شامل ناهي رهيو.
You might also like