فيس بُڪ جي باني ۽ ميٽا جي سي اي او مارڪ زڪربرگ چيو آهي ته مستقبل ۾ بنا سمارٽ گلاسز جي زندگي جو تصور ڪرڻ ڏکيو هوندو.
مارڪ زڪربرگ اها ڳالهه ميٽا جي مالي سال 2025 جي ٽن مهينن جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي تقريب دوران ڪئي ۽ ڪمپني جي اي آءِ سمارٽ گلاسز جي منصوبن تي روشني وڌي.
هن چيو ته دنيا ۾ اربين ماڻهو نظر جي اصلاح لاءِ چشمو يا ڪانٽيڪٽ لينس استعمال ڪندا آهن ۽ منهنجي خيال ۾ جيئن سمارٽ فونز موبائل فونز جو منظر تبديل ڪري ڇڏيو، ائين ئي ڪجهه سالن ۾ چشما اي آءِ سمارٽ گلاسز جي شڪل اختيار ڪري وٺندا.
سندس چوڻ هو ته ميٽا جي سمارٽ گلاسز جو وڪرو گذريل سال وڌي ويو ۽ اهو اليڪٽرانڪس جي تاريخ ۾ سڀ کان تيز رفتار ترقي ڪندڙ اوزارن ۾ شامل آهي.
ميٽا کانسوا گوگل به ان سال سمارٽ گلاسز لانچ ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ايپل ايندڙ هڪ يا ٻه سالن ۾ سمارٽ گلاسز متعارف ڪرائڻ جو منصوبو رکي ٿي.
اسنيپ به پنهنجي اي آءِ گلاسز لاءِ الڳ سبسڊري قائم ڪئي آهي ته جيئن ان جي ترقي ۽ مارڪيٽنگ تي وڌيڪ ڌيان ڏئي سگهجي.
You might also like