حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر جيسن گليسپي کي پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ۾ نئين شامل ٿيندڙ فرنچائز حيدرآباد جو باضابطا طور هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي.
حيدرآباد فرنچائز جو مالڪ فواد سرور آهي، جنهن 175 ڪروڙ رپين عيوض هي فرنچائز خريد ڪئي هئي.
جيسن گليسپي جي مقرري جو اعلان سوشل ميڊيا پوسٽ ذريعي ڪيو ويو.
آسٽريلوي ڪرڪيٽر ان کان اڳ پاڪستان جي ڪوچنگ سيٽ اپ جو به حصو رهي چڪو آهي، جتي کيس اپريل 2024ع ۾ ٽيسٽ ٽيم جو هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويو هو، پر بعد ۾ هن پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي.
واضح رهي ته پاڪستان سپر ليگ جي 11هين ايڊيشن ۾ ٽيمن جو انگ وڌائي 8 ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ حيدرآباد ۽ سيالڪوٽ نيون فرنچائز طور شامل ڪيون ويون آهن، ميگا ايونٽ 26 مارچ کان شروع ٿيندو.
You might also like