واٽس ايپ طرفان واهپيدارن جي سيڪيورٽي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ هڪ نئون فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
اسٽرڪٽ اڪائونٽ سيٽنگز نالي هي فيچر خاص طور تي اهڙن واهپيدارن لاءِ تيار ڪيو ويو آهي، جيڪي سائبر حملن ۽ اسپاءِ ويئر جي خطرن کي منهن ڏين ٿا.
هن فيچر تحت واهپيدار جي اڪائونٽ تي پاڻمرادو سخت ترين پرائيويسي ڪنٽرولز لاڳو ڪيا ويندا.
واٽس ايپ موجب، اهي سيٽنگز اڻڄاڻ نمبر (ڪانٽيڪٽس) طرفان موڪليل اٽيچمينٽس ۽ ٻين ميڊيا فائلز کي بلاڪ ڪنديون.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته هي نئون فيچر خاص طور اهڙن واهپيدارن ۽ عوامي شخصيتن لاءِ تيار ڪيو ويو آهي، جن لاءِ سائبر حملن جو خطرو وڌيڪ هوندو آهي.
هي فيچر صارف جي اڪائونٽ کي لاڪ ڊائون موڊ ۾ منتقل ڪري ڇڏيندو ۽ ڪجهه مخصوص فنڪشنز کي محدود ڪري ڇڏيندو.
واهپيدار هي فيچر سيٽنگز ۾ وڃي، پرائيويسي ۽ پوءِ ايڊوانسڊ آپشن ۾ وڃي فعال ڪري سگهن ٿا.
هن نئين فيچر کي متعارف ڪرائڻ جو عمل شروع ٿي چڪو آهي ۽ ايندڙ هفتن ۾ اهو سمورن واهپيدارن لاءِ دستياب هوندو.
واٽس ايپ طرفان ايپ جي سيڪيورٽي انفرا اسٽرڪچر کي به بهتر بڻايو پيو وڃي ۽ رسٽ پروگرامنگ لينگوئج کي اختيار ڪيو پيو وڃي، جيئن پليٽ فارم تي تصويرن، وڊيوز ۽ ميسيجز کي وڌيڪ تحفظ ملي سگهي.
ڪمپني موجب، رسٽ هڪ ميموري سيف پروگرامنگ لينگوئج آهي، جيڪا سي پلس پلس ميڊيا لائبريري سان گڏجي تيار ڪئي وئي آهي ته جيئن ميڊيا فائلز کي وڌيڪ تحفظ ملي سگهي.
واٽس ايپ ايپ ۾ موجود سي پلس پلس ڪوڊ جون هڪ لک 60 هزار لائينون هٽائي، انهن جي جاءِ تي رسٽ پروگرامنگ جون 90 هزار لائينون شامل ڪيون آهن، جنهن سان سسٽم جي ڪارڪردگي بهتر ٿي آهي ۽ ميموري استعمال جو رن ٽائم به گهٽيو آهي.