اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بجلي واهپيدارن لاءِ بري خبر سامهون اچي وئي، هڪ مهيني لاءِ بجلي 48 پيسا في يونٽ مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي.
سي پي پي اي نيپرا ۾ ماهوار فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، جنهن تي سڀاڻي ٻڌڻي ٿيندي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڊسمبر ۾ 8 ارب 48 ڪروڙ 70 لک يونٽس بجلي پيدا ڪئي وئي، ڊسڪوز کي 8 ارب 20 ڪروڙ 80 لک يونٽ بجلي فراهم ڪئي وئي.
سي پي پي اي موجب ڊسمبر مهيني ۾ بجلي جي في يونٽ لاڳت 9.62 رپيا رهي، هڪ مهيني ۾ هائيڊل مان 18.07 سيڪڙو بجلي جي پيداوار رهي، ڊسمبر ۾ مقامي ڪوئلي سان بجلي جي پيداوار 13.99 سيڪڙو رهي.
سي پي پي اي چيو آهي ته درآمدي ڪوئلي سان 10.13 سيڪڙو پيدار رهي، قدرتي گيس سان 11.20، درآمدي گيس سان 17.24 سيڪڙو پيداوار رهي، نيوڪليئر سان بجلي جي پيداوار 25.05 سيڪڙو رهي.
You might also like