ڏاج گهٽ آڻڻ تي ساهرن ڳورهاري عورت کي باهه ڏئي ماري ڇڏيو

شيخوپورا (ويب ڊيسڪ) فيروزوالا ۾ ڏاج گهٽ آڻڻ تي ساهرن هٿان مبينا طور ساڙيل ڳورهاري عورت فوت ٿي وئي.
پوليس موجب عورت جو چهرو، ٻانهون ۽ جسم 70 سيڪڙو سڙي چڪو هو، وقت سر ڪارروائي ڪري نامزد جوابدار سَس کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
هوڏانهن پنجاب وومين پروٽيڪشن اٿارٽي جي چيئرپرسن حنا پرويز بٽ ڊي پي او شيخوپورا کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
حنا پرويز بٽ چيو ته عورتن تي تشدد ڪنهن به صورت برداشت نه ڪيو ويندو، ڳورهاري عورت کي باهه ڏيڻ حيوانيت آهي، جوابدار ڪنهن رعايت جا حقدار ناهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.