دبئي (ويب ڊيسڪ) دبئي دنيا جو پهريون سون جو روڊ ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
دبئي حڪومت نئين گولڊ ڊسٽرڪٽ جو باقاعدي افتتاح ڪري ڇڏيو، جنهن بابت ٻڌايو ويو آهي ته هتي دنيا جي پهرين گولڊ اسٽريٽ جلد شروع ڪئي ويندي.
حڪومت ٻڌايو ته دبئي جي گولڊ ڊسٽرڪٽ ۾ نئون سياحتي ماڳ هوندو، منصوبا ۽ ڊيزائن مرحلي وار سامهون ايندا، هتي هزار کان وڌيڪ گولڊ ريٽيلرز سان گڏ نئون مرڪز تعمير ٿيندو.
دبئي حڪومت موجب ريٽيل، هول سيل، سيڙپڪاري سڀ هڪ هنڌ گڏ ٿيندا، مڪمل سون ۽ زيورن جي ويليو چين هڪ ئي هنڌ گڏ ٿيندي.
ان حوالي سان اماراتي اختيارين چيو آهي ته سون دبئي جي شان ۽ واپاري ورثي جي علامت آهي.
You might also like