نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ مان بنگلاديش جي ٻاهر ٿيڻ ۽ پاڪستان طرفان ڀارت خلاف ميچ جي بائيڪاٽ واري معاملي تي ڀارتي صحافي شاردا اگرا ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) ۽ آءِ سي سي کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
شاردا اگرا جو چوڻ آهي ته آءِ سي سي جي آفيس هاڻي بي سي سي آءِ جي دبئي آفيس بڻجي چڪي آهي، تنهنڪري هاڻي آءِ سي سي اهو ئي ڪري ٿي جيڪو بي سي سي آءِ چاهي ٿو، اهڙو منظر آءِ سي سي جي ايگزيڪيوٽو بورڊ اجلاس ۾ به ڏسڻ ۾ آيو.
ڀارتي صحافي چيو ته ورلڊ ڪپ بابت موجوده مامرو انتهائي ڪِريل انداز ۾ حل ڪيو ويو آهي ۽ هاڻوڪي صورتحال ۾ آءِ سي سي جي پنهنجي ساک سخت متاثر ٿي آهي.
هن چيو ته هي سمورو معاملو ان وقت شروع ٿيو، جڏهن هڪ بنگلاديشي رانديگر کي آءِ پي ايل مان ڪڍيو ويو ۽ پاڪستان جو ان معاملي ۾ اچڻ ماضي ۾ ڀارت جي رويي جو جواب ٿي سگهي ٿو.
شاردا اگرا جو چوڻ هو ته مستفيض الرحمان کي آءِ پي ايل مان ڪڍڻ هڪ سياسي فيصلو هو ۽ بي سي سي آءِ ڀارتي حڪمرانن سان ٻڌل آهي.
هن سوال اٿاريو ته ڀارتي ٽيم کي نيٺ ڪنهن پاڪستاني رانديگرن سان هٿ ملائڻ کان روڪيو، اڄ تائين ڪنهن کي خبر ناهي پئجي سگهي.
ڀارتي صحافي چيو ته جيڪڏهن پاڪستان ورلڊ ڪپ تان هٿ کڻي ويو ته آءِ سي سي کي وڏو نقصان ٿيندو، ڇو ته پاڪستان جي اهميت ان ڪري به آهي جو پاڪ-ڀارت ميچ ذريعي تمام گهڻو پئسو اچي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته ورلڊ ڪپ جي موجوده بحران جو هڪ وڏو سبب ڀارت جو آءِ سي سي ۽ ٻين ڪرڪيٽ بورڊن تي اثر انداز ٿيڻ به آهي. جڏهن بنگلاديش کي ڀارت وڃڻ بابت مسئلو پيش آيو ته تڏهن آءِ سي سي کي ٽورنامنٽ جا ضابطا ياد اچي ويا.
شاردا اگرا چيو ته اڄ جيڪا صورتحال آهي، ان جي بنيادي ڪارڻ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ ڀارت جي مالي طاقت آهي.
هن چيو ته جئه شاهه آءِ سي سي جو چيئرمين بڻجڻ کانپوءِ هڪ ڀارتي کي ئي سي سي او مقرر ڪيو، جيڪڏهن ان جاءِ تي ڪنهن ٻئي ملڪ جو سي اي او هجي ها ته هو موجوده صورتحال کي مختلف نموني سان هينڊل ڪري ها.
هن چيو ته ڪرڪيٽ گڏيل ثقافت جو ذريعو ٿيڻ بدران هاڻي سياسي ويڙهه جو مرڪز بڻجي چڪي آهي، جنهن ۾ ڀارت ڪرڪيٽ ذريعي پاڙيسري ملڪن کي جواب ڏئي رهيو آهي، بنگلاديش کي ڀارت جهڙيون سهولتون ان ڪري نه مليون، ڇو ته ان وٽ اهڙو اثر رسوخ ناهي.
پنهنجي ڳالهه جاري رکندي ڀارتي صحافي چيو ته آءِ سي سي هاڻي هڪ سنجيده اسپورٽس اداري جي حيثيت نٿي رکي، جيڪڏهن آءِ سي سي جي جاءِ تي ڪا واقعي سنجيده اسپورٽس باڊي هجي ها ته ان کي سمجهه هجي ها ته هي معاملو غلط نموني سان هينڊل ڪيو ويو آهي.
شاردا اگرا چيو ته سموري صورتحال مان اهو تاثر ملي ٿو ته ڳالهه ڪنهن ايونٽ کي رڳو اسپورٽس ايونٽ طور ڪرائڻ جي ناهي، پر هتي آءِ سي سي ڪروڙين ماڻهن جي نمائندگي ڪندڙ ٽيم کي ٽورنامنٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو آهي.
هن جو چوڻ هو ته انگلينڊ ۽ آسٽريليا جا ڪرڪيٽ بورڊ به بي سي سي آءِ جا سهولتڪار بڻيل آهن، ڇو ته جيڪڏهن بنگلاديش جو مطالبو مڃيو وڃي ها ته بي سي سي آءِ جي انا متاثر ٿئي ها.