سيئول (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڪوريا ۾ اڳوڻي خاتون اول ڪم ڪيون کي رشوت وٺڻ جي ڏوهه ۾ قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڏکڻ ڪوريا جي عدالت اڳوڻي خاتون اول ڪم ڪيون کي رشوت وٺڻ جي ڏوهه ۾ هڪ سال ۽ 8 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي.
پر سول سينٽرل ڊسٽرڪٽ ڪورٽ کيس اسٽاڪ اگهن ۾ هيرا ڦيري ۽ سياسي فنڊن ۾ قانوني ڀڃڪڙي جي الزامن مان آجو ڪري ڇڏيو.
اڳوڻي خاتون اول جو مڙس ۽ اڳوڻو صدر يون سڪ يول اڳ ئي 2024 ۾ مارشل لا جي تڪراري اعلان بابت قدمن تي جيل ۾ سزا ڪاٽي رهيو آهي.
اهو ڏکڻ ڪوريا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو اڳوڻي صدر ۽ سندس گهرواري کي هڪ ئي وقت ۾ سزا ٿي آهي.
You might also like