بسنت ۾ ”804“لکيل لغڙ اڏامندي نظر ايندا:عليمه خان

اسلام آباد(بيورو)عمران خان جي ڀيڻ عليمه خانم چيو آهي ته پاڪستان بند ڪرڻ جي شروعات 8 فيبروري کان ٿيندي،تحريڪ تحفظ آئين ڪال ڏئي چڪي آهي، اسين سڄو پاڪستان بند ڪنداسين، هي شروعات آهي، ان کان پوءِ اسان کي روڊن تي به ڏسي سگهندا،هن چيو ته  8 فيبروري تي ملڪ بند ڪرڻ جو اعلان ٿيو هو، پر انهن بسنت جو اعلان ڪري ڇڏيو، سڀئي پتنگ اڏندا ۽ انهن تي “قيدي نمبر 804” لکيل هوندو،هن چيو ته .ته اڄ اڱارو ڏينهن آهي، فيملي ۽ وڪيلن کي ملاقات جي اجازت آهي، پر باني سان ملاقات نه ٿي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.