حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد شهر ۾ چورين ۽ ڦر جي واقعن ۾ گهٽتائي نه اچي سگهي. 24 ڪلاڪن اندر ڪروڙين روپيا چوري ٿي ويا، گذريل رات سٽي پوليس اسٽيشن جي حد ۾ ڦرلٽ ٿي ۽ ڪالهه صبح جو پنڃاري پوليس اسٽيشن جي حد رحمان ٽائون ۾ هڪ گهر مان لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ رپين جي چوري جا اطلاع مليا، پنڃاري پوليس اسٽيشن جي حد ۾ رحمان ٽائون جي گهٽي نمبر 5 ۾ هڪ گهر مان 1.2 ملين رپيا نقد، 3,000 سعودي ريال ۽ 7 کان 8 تولا سون چوري ٿي ويا آهن. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي چوري جا تفصيل ورتا. ايترين وڏين وارداتن جي باوجود پوليس امن امان جي صورتحال تي ضابطو ناهي اچي سگهيو.