پرامن سياسي جدوجهد جي روڪٿام سان ڪهڙو پيغام ڏنو وڃي ٿو؟

                 رپورٽن موجب جيئي سنڌ محاذ پاران ڪالهه سائين جي ايم سيد جي 123 هين سالگرهه جو جلسو سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رٿيل هو پر جلسو شروع ٿيڻ کان اڳ ئي سنڌ پوليس پنڊال ڊاهي ۽ جلسي گاهه کي گهيري ۾ آڻي جسم چيئرمين عبدالخالق جوڻيجي  ۽ مجيد سنڌي کي گرفتار ڪري کڻي وئي. ان واقعي خلاف ترت ئي سنڌ جي سياسي پارٽين، وڪيل اڳواڻن، انساني حقن جي تنظيمن طرفان سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي جنهن احتجاج ۽ سخت ردعمل جي روشني ۾ عبدالخالق جوڻيجي ۽ مجيد سنڌي کي ڪجهه ڪلاڪن بعد آزاد ڪيو ويو.

                 آزادي بعد پارٽي آفيس تي سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جو پروگرام ڪيو ويو جنهن ۾ صدارتي خطاب ڪندي جسم چيئرمين عبدالخالق جوڻيجي چيو ته جيڪي حڪمران بندوق ۽ طاقت تي ڀاڙيندا آهن انهن کي عقل واري ڳالهه سمجهه ۾ ناهي ايندي. اهڙو ئي اظهار ڪميونسٽ پارٽي  آف پاڪستان جي سيڪريٽري ڪامريڊ امداد قاضيءَ، عبدالخالق جوڻيجو جي گرفتاري واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته حڪمران ۽ واسطيدار ادارا پاڻ سياسي جدوجهد جا پرامن رستا بند ڪري کين ٻيا متبادل طريقا اختيار طريقا ڪرڻ ڏانهن ڌڪي رهيا آهن پر کين ياد ڪرڻ گهرجي ته سنڌ ۽ ملڪ جا ذميوار ۽ سلجهيل سياسي اڳواڻ ڪنهن به قيمت تي پرامن جدوجهد کان هٿ کڻڻ لاءِ تيار نه آهن ۽ اهي پنهنجي بنيادي حقن لاءِ به سنجيدگي ۽ مستقل مزاجي سان ڪاميابي حاصل ڪرڻ تائين جدوجهد جدوجهد جاري رکندا.  امداد قاضيءَ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ ۽ ملڪ ۾ ڊپ، خوف ۽ دهشت جي فضا پيدا ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي. تقرير، تحرير  ۽ سياسي سرگرمين جي آزادي بحال ڪئي وڃي ۽ سڀني گرفتار توڙي سزا يافته سياسي اڳواڻن، وڪيلن، نياڻين، شاگردن ۽ شهرين کي آزاد ڪيو وڃي. هوڏانهن جماعت اسلامي سنڌ جي ترجمان مجاهد چنا پڻ سينئر وڪيل ۽  جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجي جي بنا جواز گرفتاري جي سخت  مذمت ڪندي ان کي بدترين آمريت ۽ اختلاف راءِ کي دٻائڻ جي ڪوشش قرار ڏنو هو. هن چيو ته سياسي ۽ فڪري اختلاف جي باوجود جماعت اسلامي خالق جوڻيجي جي گرفتاري جي مذمت ڪري ٿي. هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته نظرياتي، پرامن ۽ عدم تشدد جي پيروڪار  اڳواڻ جي گرفتاري ظاهري ڪري ٿي ته حڪومت، اختلاف راءِ کي برداشت ڪرڻ بدران طاقت جي نشي ۾ اچي دٻائڻ چاهي ٿي جيڪو عمل آئيني ۽ جمهوري اصولن جي ابتڙ آهي. سنڌ هڪ پرامن ڌرتي آهي تنهن ڪري هتي بلوچستان واري صورتحال پيدا ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي.

هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن ڪميونسٽ پارٽي ۽  جماعت اسلامي به نظرياتي اختلافن باوجود ٻي جماعت جي اڳواڻ جي اظهار جي آزادي جي تحفظ جو اظهار ڪن ٿيون ۽ خالق جوڻيجي سميت سڀني سياسي اڳواڻن جي گرفتارين جي مذمت ڪن ٿيون ته ايڏي وڏي دل جو مظاهرو حڪومتون ۽ رياست ڇو نه ٿي ڪري. اسان چوندا آهيون ته وڏي دل ۽ وڏي دماغ جو مظاهرو ته حڪومت ۽ رياستن کي ئي ڪرڻ گهرجي ۽ جڏهن رياستون ۽ حڪومتون فراخ دليءَ جو مظاهرو ڪنديون ته تڏهن ئي ملڪ اندر فراخ دلي وارو ۽ زنده دل سماج پيدا ٿيندو. اها صرف اخلاقي نه پر آئيني تقاضا به آهي ته ملڪ اندر اظهار جي آزادي هجي، حقيقي جمهوري روح جي به اها ئي گهرج هوندي آهي ته ڇا ان جو اهو مطلب سمجهجي ته اسان جي رياست ۽ جمهوريت نه اخلاقي ۽ نه ئي آئيني گهرجن تي هلي ٿي ۽ اهي پنهنجي جوهر ۾ غير آئيني ۽ غير جمهوري وجود آهن.؟

ٻيو اهم سوال اهو آهي جيڪو ڪميونسٽ پارٽي ۽ جماعت اسلامي اٿاريو آهي ته عبدالخالق جوڻيجي جهڙي نظرياتي ۽ عدم تشدد جي پيروڪار جي گرفتاري مان حڪومت آخر ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهي ٿي ڇا حڪومت پرامن سياسي سرگرمين تي پابندي هڻي کين پرتشدد ۽ وڳوڙي سياست ڏانهن ڌڪڻ چاهي ٿي؟ هڪ پاسي اسان جي رياست ۽ ملڪي حڪومت پي ٽي آءِ تي 9 مئي واري پرتشدد سياست تي سخت ڪارروائي ڪري رهي آهي ته ٻئي پاسي واري  پرامن جدوجهد جي به رستا روڪ ڪئي پئي وڃي. جنهن جو سبب شايد سنڌ کي به بلوچستان بڻائڻ جي ڪوشش هجي. سو ملڪي رياست ۽ حڪومت کي پنهنجي پاليسيءَ ۾ چٽو هئڻ گهرجي. موجوده پاليسي ڪنهن ريت به قابل برداشت ناهي.

پيپلز پارٽي هونئن ته پاڻ کي عوامي ۽ جمهوري جماعت سڏائيندي آهي پر اها جڏهن  به حڪومت ۾ ايندي آهي ته غير جمهوري ٿي ويندي آهي ۽ مخالف جماعتن خاص ڪري سنڌي قوم پرستن جماعتن ۽ ان جي اڳواڻن خلاف  مقدما به داخل ڪندي آهي ته گرفتاريون به ڪندي آهي. خاص ڪري سائين جي ايم سيد جي سالگرهه ۽ ورسين جي موقعن تي هميشه سن شهر ڏانهن ويندڙ رستن کي سيل به ڪندي آهي ته نعرن جي بنياد تي ڪيس به داخل ڪندي آهي ۽ گرفتاريون به ڪندي آهي. هيل خالق جوڻيجي کي نشانو بڻايو ويو جيڪا اسان جي حڪومت جي غير جمهوري ڪارروائي جي شرمناڪ حد هئي پر شڪر ٿيو جو حڪومت کي جلد ئي هوش آيو ۽ ڪجهه ڪلاڪن بعد نظرياتي ۽ دانشور، قوم پرست اڳواڻ خالق جوڻيجو آزاد به ٿيو ۽ آزادي کان پوءِ به کيس سائين جي ايم سيد جي سالگرهه تقريب ڪرڻ جو موقعو مليو.

ايئن ئي رپورٽون آهن ته وڪيل ۽ سماجي ڪارڪن ايمان مزاري ۽ سندس ور جي گرفتاري ۽ عدالت پاران ڏنل سزا،  سياسي ۽ صحافتي حلقن ۾ گرم بحث کي جنم ڏنو آهي. سوال اٿاريا پيا وڃن ته ڇا ان ڪيس ۾ قانوني گهرجون پوريون ڪيون ويون يا نه. ايمان مزاري ۽ سندس ور جي گرفتاري خلاف به سڄي ملڪ ۾ وڪيل برادري ۽ انساني حقن جون تنظيمون مظاهرا ڪري رهيون آهن ۽ انهن پرامن مظاهرن تي به سختيون ٿي رهيون آهن. ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾  به وڪيل برداري ۽ سول سوسائٽي جي پرامن احتجاج جي رستا روڪ ڪئي وئي، رستا بند ڪيا ويا جنهن سبب پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ چڪريون پڻ ٿيون.

اسان جو خيال آهي ته پرامن سياسي جدوجهد ۽ پرامن مظاهرن کي روڪڻ جو سبب هڪ اهڙو آمراڻو ۽ غير جمهوري رويو آهي جيڪو بظاهر ته پنهنجن مخالفن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي پر حقيقت ۾ اهو رياست ۽ حڪومتن جو پنهنجو ئي نقصان هوندو آهي پر طاقت ۽ اقتدار جي نشي ۾ بقول خالق جوڻيجي جي ته سندن عقل ڪم ناهي ڪندو، اهڙن حڪمرانن کي ايران ۾ ٿيل مظاهرن تي ڪيل سختي ۽ آمريڪا جي مداخلت مان سبق سکڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.