گل پلازا سانحو ڪرپشن جو زندهه مثال آهي، بااختيار مڪاني نظام آڻيو:ايمل ولي

ملير (ررپورٽ: جميل چانڊيو)اي اين پي جي سربراهه ايمل ولي خان چيو آهي ته بدقسمتي سان سڀ ڪجهه هائبرڊ ٿي ويو،ان  ۾ چاچا آصف زرداري ۽ هن جي پارٽي به شامل ٿي وئي،نوازشريف هن جي پارٽي ۽ پارليامينٽ به هائبرڊ ٿي وئي آهي،ڪراچي ۾باچا خان جي ورسي واري جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته اڄ ڪراچي جي پختونن اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته اهي اي اين پي سان گڏ آهن،اهو چوڻ درست ناهي ته پختون قوم طالبان يا پي ٽي آءِ سان گڏ آهي،هن چيو ته منهنجي خيال ۾ آپريشن انهن مسئلن جو حل ناهي، اصل مسئلو اهو آهي ته رياست پاڪستان اڄ تائين اهو بنيادي فيصلو نه ڪري سگهي آهي ته ڇا اهي دهشتگرد هن ملڪ ۽ قوم جا دشمن آهن يا اهي رياست جا نام نهاد اسٽرٽيٽجڪ اثاثا آهن، جيڪي افغانستان ۽ ڪشمير لاءِ استعمال ٿيندا رهيا آهن.هن چيو ته رياست اڄ تائين “سٺا طالبان” ۽ “خراب طالبان” جي فرق ۾ ڦاٿل آهي. هن چيو ته طاقتور طبقن لاءِ اها کليل ڇُوٽ پاڪستان لاءِ تباهي آڻيندي. پاڪستان جي تاريخ اها رهي آهي ته هڪ طاقتور حڪمران اچي دهشتگردن کي ملڪ جا ٻار قرار ڏئي ٿو، انهن کي سهارو ڏئي ٿو، هٿيار ڏئي ٿو، وسيلا ڏئي ٿو ۽ استعمال ڪري ٿو. پوءِ ڏهه سال بعد ٻيو طاقتور اچي ٿو، انهن کي قوم جا دشمن قرار ڏئي آپريشن شروع ڪري ٿو، جنهن سان ملڪ تباهه ٿئي ٿو.جيڪڏهن اڄ رياست جو فيصلو آهي ته اهي فتنه خوارج آهن يا فتنه هندستان آهن، ته پوءِ تاريخي طور انهن ماڻهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، جن انهن فتنن کي اسلام ۽ جهاد جو نالو ڏئي ملڪ کي نقصان پهچايو. جنرل ضياءَ الحق جي دور کان وٺي اڄ تائين، جنهن به دهشتگردي کي مذهبي رنگ ڏنو، انهن سڀني خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، ڀلي اهي فوج ۾ هجن، سياستدان هجن يا ڪنهن يونيورسٽي سان لاڳاپيل هجن.هن هن خاص طور جنرل باجوه، جنرل فيض، عمران خان ۽ عارف علوي جا نالا وٺندي چيو ته جن طالبان کي ٻيهر پاڪستان ۾ آباد ڪيو، انهن کي عبرتناڪ سزا ملڻ گهرجي،هن چيو ته تيره وادي جا ماڻهو بي يارومددگار پنهنجا گهر خالي ڪري رهيا آهن،هن چيو ته دهشتگردي جي نالي تي باجوڙ کان چمن تائين پختون علائقن ۾ واپاري رستا بند ڪيا ويا آهن، جڏهن ته هندستان، جيڪو دشمن آهي، ان سان واپار بند ناهي. افغانستان، جيڪو تاريخي طور دوست رهيو آهي، اتي سان واپار بند ڪيو ويو آهي. بارڊر بند ڪرڻ بدران دهشتگردن جي اچ وڃ بند ڪئي وڃي، عام ماڻهن ۽ واپار کي سهولت ڏني وڃي.غزه بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ايترو وڏو فيصلو، غزه پيس ڪميٽي ۾ شامل ٿيڻ، پارليامينٽ کان بغير پڇڻ غير آئيني عمل آهي. هن چيو ته ڪراچي پاڪستان جو معاشي مرڪز آهي، پر بدانتظامي ۽ ڪرپشن عروج تي آهي. گل پلازا سانحو سڄي نظام جي ناڪامي، ڪرپشن ۽ بدانتظامي جو کليل مثال آهي. پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم کي الزام تراشي ڇڏڻ گهرجي ۽ پنهنجون غلطيون تسليم ڪري شهر کي بهتر بڻائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته هر مسئلي جو حل نوان صوبا ٺاهڻ ناهي. هن چيو ته  اصل حل 18هين ترميم ۽ مضبوط بااختيار بلدياتي نظام ۾ آهي، هن چيو ته  جيڪڏهن اسان کي اهو پيغام ڏنو ويو ته پختونن کي ڪراچي يا پاڪستان ۾ رهڻ جو حق ناهي، ته پوءِ اها سوچ خطرناڪ هوندي. پاڪستان سڀني قوميتن جو گڏيل ملڪ آهي، ۽ سڀني کي برابر حق ملڻ گهرجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.