ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) آبپاشي کاتي ۾ مبينا اربين رپين جي ڪرپشن خلاف نيب سکر جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. سيڪريٽري آبپاشي ظريف اقبال کيڙي سميت ٻين عملدارن کي جاچ جي دائري ۾ آندو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيس موجب، آبپاشي کاتي ۾ ورڪ آرڊر پي سي ون، ٽينڊر فائلن ۽ ادائيگين سميت سمورو مالي رڪارڊ طلب ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ظريف کيڙي سميت لاڳاپيل آفيسرن جو سروس رڪارڊ پڻ گهرايو ويو آهي. نيب موجب، ظريف کيڙو، چيف انجنيئر منصور ميمڻ، ايگزيڪٽو انجنيئر پرويز پنهور خلاف اختيارن جي غلط استعمال، سرڪاري فنڊن ۾ گهوٻين ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن جا الزام آهن. سيڪريٽري سروسز کي هدايت ڪئي وئي ته هو اڄ 11هين وڳي نيب سکر ٽيم آڏو پيش ٿئي.