عوام ۾ دولت ورهائڻ جو سوَلو نسخو

تحرير: رفيق پٽيل

جيئن ترقي يافته ملڪ سٺي حڪمراني وسيلي ترقي ڪئي ۽ عوام کي خوشحال بڻايو آهي، انهن ملڪن کي هن بنيادي اصول جي مڪمل ڄاڻ آهي ته صنعت، واپار ۽ زراعت کي هٿي ڏيڻ لاءِ عوام کي متحرڪ ڪرڻ ۽ کين بااختيار بڻائڻ انتهائي ضروري آهي. هن سادي اصول تي عمل ڪري پاڪستان به معاشي بحران جو خاتمو آڻي تيز رفتار ترقي حاصل ڪري سگهي ٿو. ماڻهن جي آمدني ٽن کان چار ڀيرا وڌي سگهي ٿي. اسان جا گهڻا مبصر ۽ دانشور شايد هن ڳالهه کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿين، مٿن تنقيد غير ضروري آهي. اهي مبصر هن ڪري به حق بجانب آهن جو پاڪستان جي موجوده سياسي ۽ معاشي بحران کي ڏسندي ڪنهن کي به اهو يقين نٿو اچي ته ناقص حڪمراني جو خاتمو ڪري سٺي حڪمراني جو رستو ڪيئن ڳولي سگهجي ٿو. انهن مبصرن جو موضوع عام طور حالتن ۽ واقعن تائين محدود رهندو آهي.

پاڪستان جا موجوده حڪمران ذاتي مفادن جي گهيري ۾ ڦاٿل آهن. اهي سياسي ۽ معاشي سڌارن کي پنهنجي مفادن لاءِ خطرو سمجهي انهن کان پري ڀڄن ٿا، ڇو ته راءِ عامه سندن حق ۾ ناهي. شايد هو سمجهن ٿا ته جيڪڏهن سڌارن لاءِ منصفاڻيون چونڊون ٿيون ته نتيجا سندن حق ۾ نه ايندا. عمران خان جيل مان نڪري سندن لاءِ وڌيڪ مشڪلاتون پيدا ڪندو. عمران خان به تيستائين آزاد ٿيڻ لاءِ تيار ناهي، جيستائين عدالتون کين آزاد نه ڪنديون. سندن منظرعام تي ايندڙ ڳالهين مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو سڄي عمر جيل ۾ رهڻ يا ڦاهي جي سزا لاءِ به پاڻ کي تيار ڪري چڪو آهي. انهن سڀني حالتن جي باوجود اهڙو پاڪستان ممڪن آهي، جتي امن امان اهڙو هجي جو گهٽ آمدني واري عام ماڻهو کان وٺي هر دولتمند پاڻ کي مڪمل محفوظ سمجهي. ملڪ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ بنا ڪنهن محافظ جي، بيخوف سفر ڪري سگهجي. صنعت، واپار ۽ زراعت کي هٿي ملي. برآمدات ۾ تيزي سان اضافو ٿئي. بهترين شاهراھون، ريلوي ۽ جديد ٽرانسپورٽ نظام موجود هجي.سڄي ملڪ ۾ صفائي جو بهترين انتظام هجي. ماڻهن کي صحت ۽ ٻيون بنيادي سهولتون ميسر هجن. روزمره استعمال ۽ خوراڪ جون شيون سستيون هجن.

هي هڪ حقيقت آهي ته معيشت جمود جو شڪار آهي، ان کي مڃڻ کان سواءِ مسئلا حل نه ٿيندا. هن جمود مان نڪرڻ لاءِ سياسي استحڪام ضروري آهي. پاڪستان کي هن جمود مان ڪڍي ترقي جي راهه تي آڻڻ لاءِ حڪمران طبقي ۽ اشرافيه کي ان ڳالهه تي آماده ٿيڻ گهرجي ته هو آئين ۽ قانون جي پاسداري ڪن ۽ انصاف پسند سماج ۾ رهڻ لاءِ تيار ٿين، جيئن هو ٻاهرين ملڪن ۾ وڃي قانونن جي پابندي ڪن ٿا، ساڳيو رويو پاڪستان ۾ به اختيار ڪن.

دنيا ۾ ڪيترن ملڪن بحرانن تي قابو پائي ترقي ڪئي آهي. انهن جي تجربن مان فائدو وٺي سگهجي ٿو، جن مان هڪ مثال ڏکڻ ڪوريا جو آهي. ڏکڻ ڪوريا، جيڪو ماضي ۾ انتهائي غربت ۽ پسماندگي جو شڪار هو، اڄ دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ شامل آهي. ڏکڻ ڪوريا زرعي سڌارن وسيلي وڏي زمينداري جو خاتمو ڪيو ۽ ننڍن آبادگارن کي ترجيح ڏني. 1962ع ۾ معاشي ترقي جو ادارو قائم ڪيو، جنهن تحت پنج ساله معاشي ترقياتي منصوبو جوڙيو ويو. چيو وڃي ٿو ته ڪوريا جي هڪ وفد پاڪستان جو دورو ڪري پاڪستاني پنج ساله منصوبن جو جائزو وٺي انهن جي نقل ڪئي، پر وقت سان گڏ سڌارا به ڪندو رهيو، جڏهن ته پاڪستان ۾ هر ڪم سست رفتاري ۽ بدعنواني جي ور چڙهي ويو.

ڏکڻ ڪوريا شروعات ۾ ٽيڪسٽائل تي ڌيان ڏنو، برآمدات کي ترجيح ڏني، ڀاري مشينري ۽ اليڪٽرانڪ شيون تيار ڪري ٻاهر موڪلڻ جو سلسلو جاري رکيو. سام سنگ ۽ ايل جي دنيا ۾ ڌوم مچائي. تعليم جي شعبي ۾ سڌارن وسيلي تعليم يافته ۽ ماهر انساني وسيلو تيار ڪيو. سڀ کان اهم ڪم بهترين شاهراهن جو ڄار، جديد ريلوي، بجلي، پاڻي ۽ گئس جي فراهمي جو موثر نظام هو، جنهن سبب ننڍين صنعتن ۽ ڪاروبار کي هٿي ملي. هر سطح تي قانون جي عملداري يقيني بڻائي وئي، انصاف حاصل ڪرڻ کي آسان ڪيو ويو. نوجوان نسل جي حوصلا افزائي ڪئي وئي ۽ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ سندن ڪردار کي خاص اهميت ڏني وئي، جنهن جا شاندار نتيجا نڪتا. ڪوريا سول سوسائٽي سان گڏجي سرڪاري سطح تي ڪم ڪيو، جنهن سان ايمانداري، گڏيل تعاون ۽ انساني حقن کي هٿي ملي. ساڳيءَ ريت سنگاپور به سياسي ۽ معاشي سڌارن وسيلي ترقي جون منزلون طئي ڪري چڪو آهي.

اڄ جو دور مصنوعي ذهانت جو دور آهي. جڏهن مصنوعي ذهانت کان هي سوال پڇيو وڃي ته ”ڪو ملڪ سياسي ۽ معاشي عدم استحڪام تي ڪيئن قابو پائي سگهي ٿو؟“ ته فوري جواب ملي ٿو ته هر ملڪ همه گير، وسيع ۽ جامع سڌارن وسيلي سياسي ۽ معاشي عدم استحڪام تي قابو پائي سگهي ٿو. ان جو هڪ اهم پهلو انڪليوسِو گروٿ آهي، جنهن جو مطلب اهڙي معاشي ترقي آهي، جنهن ۾ سماج جا سڀ طبقا، خاص طور غريب ۽ ڪمزور گروهه، برابر شريڪ ٿين ۽ ترقي جا فائدا حاصل ڪن. خوشحالي ڪجهه اميرن تائين محدود نه هجي، سڀني کي برابر جا موقعا ملن ۽ زندگي جو معيار بهتر ٿئي. ٻيو اهم پهلو ادارن کي مضبوط ڪرڻ آهي. ٻين قدمن ۾، قانون جي حڪمراني، پاليسيءَ جو تسلسل، بدعنواني جو خاتمو، سڀني سياسي قوتن وچ ۾ ڳالهين ذريعي ڊگهي مدي وارو استحڪام، آزاد، منصفاڻيون ۽ غيرجانبدار چونڊون شامل آهن. اختيارن جي هيٺين سطح تائين ورڇ به ان جو حصو آهي. وڌيڪ قدمن ۾ معاشي پاليسيءَ جو تسلسل، پرڏيهي سيڙپڪاري، مالي پاليسي، روزگار ۾ واڌ ۽ مهانگائي تي ڪنٽرول شامل آهن.

پاڪستاني تجزيه نگارن ۽ مبصرن کي پاڪستان جي بهتر مستقبل کي بحث جو موضوع بڻائڻ گهرجي. پاڪستان جي آئين مطابق، خدا کان پوءِ حاڪميت پاڪستان جي عوام جي آهي. عوام پنهنجو اختيار چونڊيل نمائندن تي ٻڌل پارليامينٽ وسيلي استعمال ڪندو، هي آئين جو بنيادي روح آهي. جڏهن چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿئي ٿي ته آئين لتاڙيو وڃي ٿو ۽ عوام جا حق غضب ٿين ٿا ۽ جڏهن ڌانڌلي وڏي پيماني تي ٿئي ته آئين جو بنياد ئي ڪمزور ٿي وڃي ٿو. پاڪستان جي سڀني سياسي ۽ بااختيار حلقن کي هن پيچيده مسئلي جو حل وسيع ڳالهين ذريعي ڳولڻو پوندو. موجوده نظام بابت اهو سمجهڻ ته سياسي ۽ معاشي استحڪام اچي چڪو آهي، هڪ خوش فهمي ٿي سگهي ٿي، ٿوري سمجهه وارو ماڻهو به ان کي قبول نه ڪندو.

ڪجهه مبصرن جو چوڻ آهي ته موجوده غير نمائنده پارليامينٽ هڪ ٻي آئيني ترميم آڻڻ واري آهي، جنهن ۾ ووٽر جي عمر وڌائي ويندي. اهڙي صورت ۾ وڌيڪ منفي اثرن جو انديشو آهي. نوجوانن جو تعلق پاڪستان ۽ پنهنجي علائقائي ڌرتيءَ سان وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. عمر وڌائڻ سان به منصفاڻين چونڊن جي نتيجن تي ڪو اثر نه پوندو، ڀلي عمر جي حد 90 سال ڇو نه ڪئي وڃي. نوجوان پنهنجن وڏن کي راضي ڪري وٺندا، جيئن عام طور نوجوان والدين کان پنهنجي ڳالهه مڃرائيندا آهن. عمر جي پابندي کان پوءِ نوجوان وڌيڪ زور شور سان ڪوشش ۾ لڳي ويندا. مجموعي طور اهو عمل به ناپسنديده قرار ڏبو ۽ الٽي نالي جي بندوق مان فائر ڪرڻ جي برابر هوندو.

دنيا ۾ ڪيترن ملڪن بحرانن تي قابو پائي ترقي ڪئي آهي. انهن جي تجربن مان فائدو وٺي سگهجي ٿو، جن مان هڪ مثال ڏکڻ ڪوريا جو آهي. ڏکڻ ڪوريا، جيڪو ماضي ۾ انتهائي غربت ۽ پسماندگي جو شڪار هو، اڄ دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ شامل آهي. ڏکڻ ڪوريا زرعي سڌارن وسيلي وڏي زمينداري جو خاتمو ڪيو ۽ ننڍن آبادگارن کي ترجيح ڏني. 1962ع ۾ معاشي ترقي جو ادارو قائم ڪيو، جنهن تحت پنج ساله معاشي ترقياتي منصوبو جوڙيو ويو. چيو وڃي ٿو ته ڪوريا جي هڪ وفد پاڪستان جو دورو ڪري پاڪستاني پنج ساله منصوبن جو جائزو وٺي انهن جي نقل ڪئي، پر وقت سان گڏ سڌارا به ڪندو رهيو، جڏهن ته پاڪستان ۾ هر ڪم سست رفتاري ۽ بدعنواني جي ور چڙهي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.