حيدرآباد ـ سکر موٽر وي ڪڏهن تعمير ٿيندو؟ وفاقي حڪومت نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جا 465 ارب رپيا لاهور ـ بهاولپور موٽر وي جي ٻيهر تعمير لاءِ منتقل ڪري رهي آهي. هي قدم وفاقي مالي ذميوارين (Federal Fiscal Dues) جي کليل ڀڃڪڙي آهي. پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻن نويد قمر ۽ شرميلا فاروقي قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران الڳ الڳ توجہ دلاؤ نوٽيس پيش ڪري ايوان جي توجهه هن اهم مسئلي ڏانهن ڇڪايو، جنهن کان پوءِ اهو صاف ظاهر ٿي ويو ته وفاق پنهنجي اتحادي پارٽين سان به منصفاڻو رويو رکڻ لاءِ تيار ناهي.
وفاقي حڪومت جي اتحادي پيپلزپارٽي جي ميمبرن هن معاملي ڏانهن ان وقت توجهه ڇڪايو، جڏهن وفاقي وزيرن کي صدر جي منظوري کانسواءِ آرڊيننس جاري ڪرڻ تي شرمندگي کي منهن ڏيڻو پيو. ملڪ جي آئين موجب وفاقي سطح تي ڪو به آرڊيننس صدر پاڪستان جي منظوري کانسواءِ لاڳو نٿو ٿي سگهي. پيپلزپارٽي جي هڪ ميمبر پنهنجي تقرير ۾ الزام هنيو ته صدر ان آرڊيننس سان اتفاق نه ڪيو هو، تنهن هوندي به انهن کي نظرانداز ڪيو ويو، جيڪو جعلسازي جي زمري ۾ اچي ٿو. پيپلزپارٽي جي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته هن غلطي جا ذميوار مقرر ڪري انهن جو احتساب ڪيو وڃي.
وفاقي وزير قانون نذير تارڙ فوري طور آرڊيننس واپس وٺڻ جو اعلان ڪري صورتحال کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان بچائي ورتو، پر هن غلطي جا ذميوار آفيسر ظاهر نه ڪيا ويا ۽ نه ئي احتساب بابت ڪو اعلان ڪيو ويو. ان کان پوءِ پارليامينٽ جي سينيئر ميمبر نويد قمر اين ايڇ اي جي فنڊن جي منتقلي کي صوبائي خودمختياري جي لتاڙ قرار ڏيندي سوال اٿاريو ته وفاق ڇو هڪ صوبائي منصوبي کي پنهنجي حوالي ڪري رهيو آهي ۽ حڪومت اين ايڇ اي جا فنڊ صوبن ڏانهن ڇو منتقل نٿي ڪري؟ نويد قمر اها تجويز به ڏني ته جيڪڏهن حڪومت ڪو نئون منصوبو شروع ڪرڻ چاهي ٿي ته پوءِ سنڌ وانگر پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جو طريقو اختيار ڪرڻ گهرجي. شرميلا فاروقي به ساڳئي موضوع تي ڳالهائيندي چيو ته هي قدم مالي معاهدي (Fiscal Agreement) جي ڀڃڪڙي آهي ۽ جيستائين صوبو تيار نه هجي، تيستائين پي ايس ڊي پي جا فنڊ منتقل نٿا ٿي سگهن. هن ان ڳالهه تي به ڳڻتي ظاهر ڪئي ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جا لڳ ڀڳ 2.5 ٽريلين رپيا صحيح مقصدن لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجن. پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ جي وزير مملڪت وضاحت ڪئي، پر اسپيڪر هي معاملو پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ سيل ڏانهن موڪلي ڇڏيو.
جڏهن ميان نواز شريف پهريون ڀيرو اقتدار ۾ آيو هو ته هن لاهور ـ اسلام آباد موٽر وي جي تعمير جو منصوبو شروع ڪيو. ان وقت مخالف جماعت پيپلزپارٽي هن منصوبي جي سخت مخالفت ڪئي هئي، پر موٽر وي جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ٻنهي وڏن شهرن وچ ۾ سفر جي سهولت بهتر ٿيڻ سبب هن منصوبي جي اهميت سڀني تي واضح ٿي وئي.
ميان نواز شريف جي دور حڪومت ۾ 2013ع ۾ چين سان چين ـ پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) بابت اتفاق ٿيو. چين دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو تحت نوان ترقياتي منصوبا شروع ڪيا. صدر شي جن پنگ جي ويزن تحت ايشيا ۽ آفريڪا ۾ اهڙا ڪيترائي منصوبا مڪمل ڪيا ويا، جتي جديد شاهراهن سان گڏ صنعتي زون به قائم ڪيا ويا. پاڪستان ۾ سي پيڪ تحت گوادر کان چين جي صوبي سنڪيانگ تائين موٽر وي، پنجاب ۽ سنڌ ۾ پاور پلانٽس ۽ لاهور ۾ اورنج ٽرين جهڙا منصوبا مڪمل ٿيا. انهن منصوبن ۾ حيدرآباد ـ سکر موٽر وي (M-6) به شامل هئي، پر بدقسمتي سان هي منصوبو لڳاتار التوا جو شڪار رهيو.
هي موٽر وي 306 ڪلوميٽر ڊگهي ۽ ڇهن لينن تي ٻڌل هوندي. ٻڌايو وڃي ٿو ته سي پيڪ تحت هي منصوبو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي مڪمل ٿيڻ هو. رپورٽن موجب اسلامي ترقياتي بئنڪ گذريل سال پهرين آڪٽوبر تي 475 ملين ڊالر جي منظوري ڏني هئي. منصوبي جي حتمي لاڳت لڳ ڀڳ 1.7 ارب ڊالر ٻڌائي وڃي ٿي، پر دير سبب لاڳت ۾ لڳاتار اضافو ٿيندو رهيو. 2018ع ۾ لاڳت جو اندازو 617 ملين ڊالر هو، جيڪو هاڻي وڌي 1.7 ارب ڊالر تائين پهچي چڪو آهي. اڳوڻي وزيراعظم ۽ تحريڪ انصاف جي باني جي دور ۾ منصوبي جي تڪڙي تڪميل لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي وئي، پر ان تي مڪمل عملدرآمد نه ٿي سگهيو.
قومي اسيمبلي جي قائمه ڪميٽي سفارش ڪئي هئي ته هن منصوبي کي ڪراچي تائين وڌايو وڃي، جيئن ڪراچي ـ حيدرآباد سپر هاءِ وي کي به جديد موٽر وي ۾ تبديل ڪري سگهجي، پر مطالبن باوجود ڪراچي ـ حيدرآباد موٽر وي لاءِ ڪو به عملي قدم نه کنيو ويو. ڪميٽي جي اجلاس ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته منصوبي جي التوا جو هڪ سبب اين ايڇ اي جي بورڊ ۾ سنڌ جي غير مؤثر نمائندگي آهي، ڇو ته سنڌ جي نمائندي آفيسر جو جلد تبادلو ٿي وڃي ٿو. ان ڪري ڪميٽي هدايت ڪئي ته سنڌ جي نمائندي کي مستقل مقرر ڪيو وڃي. گذريل سال سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ اين ايڇ اي جي آفيسرن يقين ڏياريو هو ته 2026ع جي شروعات ۾ موٽر وي جي تعمير شروع ڪئي ويندي.
حيدرآباد ـ سکر موٽر وي جي تعمير سان نه رڳو علائقي جي ترقي تيز ٿيندي، پر ڪراچي جي بندرگاهه مان سڄي ملڪ ڏانهن مال جي ترسيل ۾ به تيزي ايندي ۽ روزانو ٿيندڙ ٽريفڪ حادثن ۾ به گهٽتائي ايندي. پر سي پيڪ تحت صرف هي موٽر وي ئي نه، پر ڪراچي سرڪلر ريلوي جو منصوبو به فائلن ۾ گم ٿي ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪجهه سال اڳ چين وڃي اعلان ڪيو هو ته سي پيڪ تحت ڪراچي سرڪلر ريلوي تعمير ٿيندي. گذريل سال سينيئر وزير سيد ناصر شاهه ۽ شرجيل انعام ميمڻ به چين ويا ۽ واپسي تي ساڳي خوشخبري ڏني. سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس گلزار احمد پنهنجي دور ۾ سرڪلر ريلوي جي رستي ۾ ٿيندڙ قبضا هٽائڻ جا حڪم ڏنا، جن تي عمل ڪندي هزارين ماڻهو بي گهر ٿيا، پر ايترا سال گذرڻ باوجود سرڪلر ريلوي ٻيهر بحال نه ٿي سگهي.
ساڳئي ريت بلوچستان ۾ چمن کان ڪراچي تائين شاهراهه کي جديد موٽر وي بڻائڻ جا اعلان به رڳو اعلانن تائين محدود رهيا. اها به حقيقت آهي ته سي پيڪ تحت ٿر جي ڪوئلي سان هلندڙ بجلي گهرن مان پيدا ٿيندڙ بجلي مقامي ماڻهن کي ڏيڻ بدران قومي گرڊ ۾ شامل ڪئي وڃي ٿي، جڏهن ته ٿر جو وڏو حصو اڄ به بجلي کان محروم آهي. هاڻي سوال اٿجي ٿو ته اهڙيون حالتون هميشه ننڍن صوبن سان ئي ڇو پيش اچن ٿيون؟ مختلف مفڪر، سياستدان ۽ صحافي هن صورتحال جون الڳ الڳ تشريحون ڪن ٿا، پر حقيقت اها آهي ته اڄ به ترقياتي عمل ۾ ننڍن صوبن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي.