ڊاڪٽر شير مهراڻي جي بحيثيت چيئرمين سنڌي ٻولي بااختيار اداري جي آجيان ڪجي ٿي

اسان هميشه ادارن ۾ درست ۽ اهل ماڻهن جي مقرري جي ان احساس وچان آجيان پئي ڪئي آهي ته ادارن اندر اهل ۽ ويزنري سربراهه هوندا ته پوءِ درست رخ ۾ ئي ڪم ٿيندو. ان معيار تحت پاڻ سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي نئين مقرر ٿيل چيئرمين طور ڊاڪٽر شير مهراڻي جي مقرري جي دل جي گهراين سان آجيان ڪيون ٿا. ڊاڪٽر شير مهراڻي جي اهليت جو هڪ ئي تمام سگهارو حوالو آهي ته هو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري جو پارکو آهي سنڌ جي ڪلاسيڪل ٻولي ۽ شاعري توڙي ان جي فڪري پس منظر کان ڀلي ڀت واقف آهي. قديم ڪلاسيڪل ۽ جديد سڀ جو نقاد آهي. پاڻ ڪواليفائيڊ اديب آهن. سنڌي ادب ۾ پي ايڇ ڊي نه صرف ڪئي آهي پر تمام گهڻن شاگردن کان پي ايڇ ڊيز ڪرايون به آهن. کيس سنڌي ادب ۾ ڪيترائي شاگرد ۽ اديب پيدا ۽ متعارف ڪرائڻ جو به اعزاز حاصل آهي. پاڻ ڪيترائي ورهيه ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي ادب جي شعبي ۾ تدريس جا فرائض انجام ڏيندو رهيو آهي. اها به دلچسپ ڳالهه آهي ته ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جا ڪيترائي استاد سنڌي لئنگويج اٿارٽي ۾  چيئرپرسن طور خدمتون انجام ڏئي چڪا آهن جن ۾ ويجهي تاريخ ۾ محترمه فهميده حسين، غفور ميمڻ ۽ هاڻي ڊاڪٽر شير مهراڻي شامل آهن.

اسان سمجهون ٿا ته سنڌي لئگويج اٿارٽي جا ڀاڳ آهن جو ان کي اڪثريتي طور تي اهل سربراهه ئي نصيب ٿيا آهن ۽ تقريبن سڀني ئي پنهنجي پنهنجي دور کي نباهيو آهي. ان تلسل ۾ پاڻ ڊاڪٽر شير مهراڻي کي به ڏسون ٿا جنهن اچڻ سان  بهترين سرگرميون شروع ڪري اتساهيندڙ شروعات ڪئي آهي. ڪالهه ئي روزاني عوامي آواز ۾ رپورٽون شايع ٿيون آهن ته سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري ۽ عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگويج جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت نامي تي صحيحون ٿيون آهن. ان منصوبي تي عمل ٿيو ته هر ماڻهو ڪمپوٽر سان سنڌي ٻولي ۾ گفتگو ڪري سگهندو. ان منصوبي ۾ سنڌي ورڊ نيٽ سسٽم ۽ ڊجيٽل لساني ڪم به گڏيل طور ڪيو ويندو. معاهدي موجب سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جا پنج ملازم عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ جي ٽيڪنيڪل هدايتن ۽ نگراني هيٺ ڪم لاءِ  مقرر ڪيا ويندا. اهي تربيت ورتل اٿارٽي جا ملازم اسپيچ ٽيڪنالاجي ۽ سنڌي ورڊ نيٽ سسٽم ۾ حصو وٺي  ڊيٽا جي ترتيب، تشريح ۽ لفظي توڙي آوازي داخلائن ۾ مدد ڪندا.  ان ڏس ۾ ٻئي ادارا جديد ٽيڪنالاجي سان لاڳاپيل ڪمن لاءِ گڏيل معلومات ۽ مٽا سٽا ۾ ڀاڱيوار ٿي ڪم ڪندا.

هڪ ٻي  رپورٽ موجب سنڌي ٻولي جي  بااختيار اداري جي نئين مقرر ٿيل چيئرمين ڊاڪٽر شير مهراڻي سنڌي ٻولي ۾ ڊگريون جاري ڪرڻ لاءِ سنڌ جي يونيورسٽين جي مختلف وائس چانسلرز کي خط پڻ لکيو آهي. ان خط ۾ لکيو ويو آهي ته سنڌ جون اڪثر يونيورسٽيون مختلف پروگرامن ۾ جاري ڪيل ڊگريون/ سندون صرف انگريزي ٻوليءَ ۾ جاري ڪنديون آهن جڏهن ته آئين ۽ قانون موجب صوبي جي سرڪاري ٻولي سنڌي آهي تنهن ڪري سنڌي ٻولي ايڪٽ 1972 جي روح موجب سنڌ جي سمورين يونيورسٽين کي گذارش ٿا ڪريون ته گهربل قانوني گهرجون پوريون ڪري مستقبل ۾  جاري ٿيندڙ سمورين ڊگرين تي انگريزي متن سان گڏ سنڌي  ٻوليءَ جو ترجمو پڻ شامل ڪيو وڃي. اهڙي قدم سان نه رڳو سنڌي ٻولي جي سرڪاري حيثيت جو عملي اظهار ٿيندو پر شاگردن، استادن ۽ عام ماڻهن ۾ به سنڌي ٻولي جي وقار ۽ اعتماد ۾ اضافو ٿيندو.

اسان کي ڊاڪٽر شير مهراڻي مان اهڙي ئي اميد هئي ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽر صاحب سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ پهريون به اهو ئي ڪم ڪندو رهيو آهي. هو جيڪڏهن سنڌي لئنگويج اٿارٽي جو چيئرمين نه به هجي تڏهن به اهو ئي ڪم ڪندو رهندو پر اها به حقيقت آهي ته سنڌي لئنگويج اٿارٽي جي چيئرمين طور تاريخ کيس پنهنجي نئين تاريخ ٺاهڻ جو پڻ موقعو ڏنو آهي ۽ ان حقيقت جي هو پاڻ به پروڙ رکي ٿو. ڊاڪٽر شير پاڻ به مختلف ادبي پروگرامن ۽ ٽي وي ريڊيو  تي ڏنل انٽرويوز ۾ حڪومتن ۽ ادارن جي سربراهن کي بهتري جون بيحد سنجيده ۽ اصلاحي تجويزون ڏيندو رهيو آهي. هڪ اديب، محقق نقاد ۽ ڀٽائي جي پارکو طور ڊاڪٽر شير مهراڻي کي هاڻي پاڻ کي به اهي سنجيده ۽ اصلاحي تجويزون ڏيڻ جي ضرورت آهي.

هونئن ته ڊاڪٽر شير مهراڻي وٽ پنهنجي ڪم جو مشن ۽ ٽارگيٽ هوندو پر ان کي پاڻ به هتي ڪجهه تجويزون ڏينداسين. سنڌي لئنگويج اٿارٽي کي اها به مهم هلائڻ گهرجي ته اها سنڌ جي شاهرائن، هاءِ ويز، روڊن، رستن، ادارن، آفيسن، مارڪيٽن ۽ دڪانن تي انگريزي ۽ اردو ۾ لکيل بورڊن ۽ تختين تي  انگريزي ۽ اردو بدران  سنڌي ٻوليءَ ۾ نالا لکرائڻ گهرجن. خاص ڪري اهڙو عملي ڪم ڪراچي ۾ ڪرائڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪراچي جي روڊن، رستن، چونڪن، مارڪيٽن ادارن، آفيسن جي بورڊن ۽ تختين تي انگريزي ۽ اردو بدران سنڌي ٻولي ۾ نالا  لکيل ملندا ته ايئن لڳندو ته هي شهر سنڌين جو آهي. ٻيو ته سنڌين کي به قائل ڪرڻ جي ضرورت آهي ته اهي ڪراچي ۾ پنهنجن گهرن، دڪانن، گاڏين، ٽيڪسين ۽ رڪشائن جي تختين تي سنڌي ٻولي ۾ نالا لکرائين. اهو ڪم جيڪڏهن ڊاڪٽر شير مهراڻي پنهنجي دور ۾ ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته يقينن اسان سندس ٻين ڪمن سان گڏ ان کي به هڪ يادگار ۽ تاريخي ڪم سمجهنداسين، اهو ڪم سندس لاءِ ”وڻ ڏٺو شهر ڏٺو“ واري چوڻي جهڙو هوندو. وڌيڪ تجويزون وٺڻ لاءِ ڊاڪٽر شير مهراڻي ڪا ڪانفرنس يا گڏجاڻي به ڪوٺائي سگهي ٿو. ان سان گڏ جن اديبن، دانشورن ۽ ٻولي جي ماهرن ماضي ۾ اداري کي تجويزون ڏنيون آهن تن جو مطالعو ڪري انهن کي به ڊاڪٽر شير  پنهنجي پاليسيءَ جو حصو بڻائي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.