مان سنڌڙي جو امير بخاري، منهنجي سنڌ سنڌين سان ياري

سائين ڏنو عباسي

امير بخاري پنھنجي پوري زندگي سنڌي ادب، تعليم، صحافت ۽ سنڌي ثقافت کي ارپي ڇڏي ھئي، ھن ڪيترن ئي شاگردن جي ذھني ۽ فڪري تربيت ڪري صحافت ۽ سنڌي ادب جي خوب خدمت ڪئي، ھن سنڌي ادب ۽ صحافت سان گڏ اردو ادب ۽ صحافت ۾ پڻ نانءِ ڪمايو ۽ سئو کان مٿي صوفي شاعرن جي ڪلام کي اردو ٻولي ۾ منتقل ڪيو، امير بخاري سنڌي گرامر توڙي تعليم جو پڻ ماھر ھو. ھن 25 سال ھڪ استاد جي حيثيت سان تعليمي خدمتون انجام ڏنيون، ھن جو استاد بخاري سان ويجھو روحاني تعلق ھو ۽ استاد بخاري جي فن ۽ فڪر تي وڏو ڪم ڪيائين، استاد بخاري کي شيخ اياز کان وڏو فڪري شاعر ثابت ڪرڻ لاءِ باقائدا ڪتاب لکي استاد بخاري جي ڪتاب ڪوڪڻ يا ڪلياڻ کي بخاري جو رسالو قرار ڏنائين اها ٻي ڳالهه آهي ته استاد بخاري اڪيڊمي دادو امير بخاري جو تحقيقي ڪم ڪنهن مصلحت خاطر ظاهر نه ٿي ڪري ۽ ان ۾ هڪ مها اديب سڏرائيندڙ جو پڻ ڪردار آهي ،  سنڌ جي امير پنھنجي زندگي کي ھڪ وڏي مقصد لاءِ وقف ڪيو، ادب ۽ تاريخ جي بي شمار موضوعن تي لاتعداد ڪتاب لکيا ۽ ترجما ڪيا، واضح رهي ته امير بخاري جي علمي بصيرت کان متاثر ٿي پروفيسر پريشان خٽڪ کيس شاھ جو رسالو اردو ۾ منتقل ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ۽ هن شاه جو رسالو اردو ۾ منظوم ترجمو ڪرڻ شروع ڪيو ته سندس زندگي وفا نه ڪئي پر سندس ڪيل سر ڪلياڻ جو منظوم اردو ترجمو اڪيڊمي آف ليٽرز جي ترجمان رسالي ادبيات ۾ شايع ٿي اردو حلقن ۾ داد تحسين وصول ڪري چڪو آهي، ٻئي طرف 2 سئو سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي وائين ۽ ڪافين جو منظوم اردو ترجمو 30 هن سالن جي طويل انتظار بعد هاڻ محمد قاسم ٻگهيو شايع ڪيو آهي ، جنهن ۾ هن لکيو آهي ته امير بخاري سنڌي ثقافت ، ادب ، تاريخ ، تنقيد ، صحافت ۽ تعليم تي هڪ اٿارٽي رکي ٿو جنهن جو وڏو علمي ڪم اڃان ظاهر ٿيڻو آهي. سنڌي ادب جي سدابهار شخصيت امداد حسيني جو چوڻ آهي ته امير بخاري سنڌي توڙي اردو ادب جي انمول ۽ بيمثال شخصيت آهي، ان جي ڪم کي اڃان اجاگر ڪرڻو آهي،  تاريخ ۾ اھڙا فرد گهٽ ئي جنم وٺندا آھن، اديب ۽ شاعر جي حيثيت سان امير بخاري سنڌ جي نوجوانن جي ادب واري پاسي پڻ جوڳو ڌيان ڏنو، امير بخاري پنهنجي شاعري ۾ چوي ٿو ته

اچو ڪي ڏات جا ڏيئا جلايون

اچو انياءِ جي اونده ڀڄايون

پکيڙي روشني آس ۽ امن جي

سڄي عالم کي جنت گهر بڻايون

سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر، ليکڪ، صحافي ۽ مضمون نگار اميربخاري جي وڇوڙي کي 19 سال گذري ويا. سنڌ حڪومت توڙي ثقافت کاتي توڙي ضلعي انتظاميه گهوٽڪي سندس ورسي تقريب جو ڪوبه انتظام نه ڪيو. امير بخاري پهرين ڊسمبر، 1941ع تي مومل جي ماڙيءَ جي ڳوٺ بخارا ٻيرڙي ۾ سيد جعفر شاھ جي گھر ۾ پيدا ٿيو. امير شروعاتي تعليم تاريخي ماڳ مومل جي ماڙي ۾ حاصل ڪئي. بعد ۾ امير بخاري سنڌي فائنل 1956ع ۾ فرسٽ، اديب سنڌي 1960ع ۾ فرسٽ، اديب عالم 1961ع ۾ سيڪنڊ، اديب فاضل سنڌي 1962ع ۾ فرسٽ، انٽرڊرائنگ 1962ع ۾ فرسٽ، بي، اي 1970ع ۾ فرسٽ، اديب فاضل اردو 1972ع ۾ فرسٽ، ۽ ايم اي سياست 1973ع ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. جڏھن ته امير بخاري سن 1960ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. هن 1965ع کان لکڻ شروع ڪيو. سندس لکڻيون، سنڌي، اردو سرائڪيءَ ۽ پنجابيءَ ۾ ڇپجنديون رهيون آهن، امير بخاري سنڌ جو ھڪ بھترين شاعر پڻ ھو. نظم جي شروعات چوٿين درجي سنڌي کان ڪيائين. سنڌي ادب جو امير، امير بخاري پنھنجي زندگي ۾ تقريبن سمورن سنڌي اخبارن ۽ سنڌي رسالن ۾ مضمون، ڪھاڻيون، ڪالم ۽ شاعري لاتعداد ۾ لکي پاڻ ملھايو. ھن جا مختلف موضوعن تي  ست ڪتاب ڇپجي چڪا آھن.

امير جا  ڪيترائي اڻ ڇپيل ڪتاب آهن جيڪي امير بخاري جي نقش قدم تي هلندڙ سندس فرزند امير بخاري جي اڪيڊمي جي روح روان سيد خالد امير بخاري المعروف شاهه خالد وٽ محفوظ آهن. اڪيڊمي  پاران ثقافت کاتي توڙي ڊي سي گھوٽڪي کي سرڪاري خرچ تي ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ ڪيئي درخواستون ڪيون ويون پر ڪوبه کڙ تيل نه نه نڪتو، امير بخاري کي ڪيترائي ايوارڊ مليا جنھن ۾ گھوٽڪي جو بھترين صحافي ايوارڊ، رھبر ڊائجسٽ طرفان ليکڪ ايوارڊ، سنڌي ساھت گھر حيدرآباد پاران ڪينجھر ايوارڊ، استاد بخاري اڪيڊمي دادو پاران بھترين محقق ايوارڊ شامل آھن. سنڌڙي جي امير بخاري جا سنڌ اندر ھزارين شاگرد موجود آھن. ھن صحافت، ادب، ۽  شعر جا به ھزارين شاگرد پيدا ڪيا جڏهن ته گهوٽڪي جي جاگيرداري واري گهٽيل ماحول ۾ بهادر بيباڪ ۽ باوقار ميڊيا کي تخليق ڪري کڙو ڪيو هن ضلعي گهوٽڪي جي پٺتي پيل نوجوانن جي ذهني فڪري ۽ روحاني تربيت ڪري کين باوقار اديب شاعر سماج سڌارڪ، سياست ڪار ۽ ميڊيا مين بڻائي ڇڏيو، هن گهوٽڪي جي بهادر ڏات ڌڻين سيد اظهر گيلاني، سردار علي شاهه ذاڪر، تراب گيلاني، قاضي عبدالله، نور گيلاني، استاد انور علي اعواڻ، اصغر گيلاني، عيدن ميراڻي، علڻ الستي، بهاول شاهه، سرور شاهه، مريد ڪاظم شاه، سيد ميهر علي شاھ ، سيد عارف شاھ  سان گڏجي گهوٽڪي ۾ ادب جو گلشن آباد ڪيو ۽ اختر بخاري، پروفيسر اصغر مجاهد مهر، سڪندر مگسي، رئوف پارس دايو، سائينڏنو عباسي، حاجي رمضان چنه، جيوت رام، اياز لطيف، الهورايو بوزدار، عبدالحئي ڀٽو، يونس ڀٽو، فرمان سومرو، شاهه خالد، غضفر بخاري، ڪاظم امير بخاري، عامر چنه، نياز چنه ، پريل دايو، ممتاز بخاري، حفيظ ڪلوڙ، امان الله چارڻ، نور محمد جلباڻي، سائيڏنو عباسي ، ذيڊ اي بخاري  سميت لاتعداد نوجوانن کي تربيت ڏيئي گهوٽڪي جي جديد ميڊيا جو بنياد رکيو.

هن پنهنجي مخصوص کري ۽ سچي طبيعت سبب ضلعي گهوٽڪي سميت پوري ملڪ ۾ پنهنجا پرستار پيدا ڪيا، گهوٽڪي ۾ ضلعي انتظاميان پاران امير بخاري جي ڪيل خدمتن جي اعتراف ۾ گهوٽڪي ۾ جديد لائبريري ۽ ماٿيلو چوڪ کي امير بخاري جي نالي سان منسوب ڪري ياد گار ٺهرائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو پر ضلعي اسٽبلشمينٽ توڙي ثقافت کاتو هن تي عمل ناهي ڪرائي سگهيو، امير بخاري سنڌي ادب ۽ صحافت جو ھڪ وڏو نانءِ آھي پر سنڌ حڪومت توڙي ثقافت کاتي امير بخاري کي مڪمل طور وساري ڇڏيو آھي. ، امير بخاري 25 جنوري 2007ع تي وفات ڪري ويو. پر اڄ به ھو سنڌ جي اديبن، صحافين، شاعرن، جي دلين ۾ زنده آھي. امير بخاري  جي وڇوڙي کي 19 سال مڪمل ٿي ويا. امير سنڌ ڌرتي سان پيار ڪندڙ ڌرتي جو دودو ھو ھو ديس پرست ھو. ھن پنهنجي قلم ۽ ڏات سان سنڌ ڌرتي لاءِ پوري زندگي جاکوڙيو. امير جو نالو نه صرف امير ھو پر ھو دل جو به واقعي امير ھو. حڪومت ۽ ثقافت کاتي کي گھرجي ته امير بخاري جو تحقيقي ۽ تخليقي ڪم شايع ڪري ۽ امير بخاري جهڙي عظيم علمي شخصيت جي خاندان جي پڻ جوڳي سهائتا ڪري سندس قابل ۽ تعليم آيافتا سندس اولاد جي لاءِ سرڪاري نوڪرين جو بندو بست ڪيو وڃي ۽ ان سان گڏ گهوٽڪي پريس ڪلب ۽ مومل جي ماڙي پريس ڪلب جنهن جو بنياد امير بخاري رکيو انهن کي متحرڪ ۽ مضبوط ڪرڻ ۾ پڻ حڪومت پنهنجو قردار ادا ڪري

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.