لاهور(بيورو)ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق ٽوئيٽ ڪيو آهي ته تنقيدي آواز ڪڏهن ۽ ڪٿي به مڪمل طور تي ختم نٿا سگهجن!اسان تسليم ڪريون ٿا ته ڪڏهن ڪڏهن اهي آواز حد کان وڌي وڃن ٿا ۽ تڪليف ڏين ٿا ڪڏهن پورو سچ چيو ويندو آهي، ۽ ڪڏهن شيون وڌائي چڙهائي پيش ڪيون وينديون آهن،هن چيو ته ياد رکو! ماڻهن کي قيد ۾ وجهي سگهجي ٿو، پر آوازون نه.جيل ڀرڻ سان شايد حڪومت مضبوط لڳي، پر حقيقت ۾ اها رياست کي ڪمزور ڪري ڇڏيندي آهي. سياسي مخالفن جي وٺ پڪڙ رڳو حڪومتي ڪارڪردگي کي نقصان پهچائيندي آهي،تنقيدي آوازن جو مقابلو حقيقتن ۽ مڪالمي سان ڪيو وڃي.سچ کي سامهون آڻيو، يا پنهنجون غلطيون درست ڪريو.هر مخالف کي گرفتار نٿو ڪري سگهجي.