ڪير به پڇڻ وارو ناهي، ڪنهن رابطو ناهي ڪيو:لاپتا شهري جي امڙ

ڪراچي (رپورٽر) گل پلازا سانحي ۾ تباهه ٿيل عمارت مان مليل لاشن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي. ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌ  فارنزڪ ڊي اين اي ليب ۾ وڌيڪ ٻن لاشن جي ڊي اين اي ذريعي سڃاڻپ ٿي وئي، جنهن کانپوءِ سڃاتل لاشن جو انگ 15 ٿي ويو آهي. عملدارن جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين 42 لاشن جا ڊي اين اي نمونا ملي چڪا آهن، جڏهن ته لاشن جي سڃاڻپ لاءِ وارثن طرفان 55 نشانيون ڏنا ويا آهن. حادثي ۾ فوت ٿيل ماڻهن جو انگ 71 تائين پهچي چڪو آهي، جن مان 20 جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي ۽ سڀني 71 لاشن جا پوسٽ مارٽم مڪمل ڪيا ويا آهن. ٻئي پاسي، سانحي کي ست ڏينهن گذرڻ باوجود سرچ آپريشن جاري آهي. لاپتہ ٿيل فيصل عثمان غني جي ماءُ دانهون ڪندي چيو آهي ته نه ڪو ذميوار پڇڻ اچي ٿو ۽ نه ئي ڪنهن رابطو ڪيو آهي. هن چيو ته سندس پٽ 20 سالن کان گل پلازا ۾ ڪم ڪندو هو ۽ هن جا ننڍڙا ٻار آهن. گم ٿيل شهري جي ماءُ موجب هوءَ ڪينسر جي مريض آهي ۽ جناح، سول سميت مختلف هنڌن تي ڳولا باوجود ڪنهن به مدد نه ڪئي آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.