گل پلازا مارڪيٽ 1980ع کان ٺهندي، وڌندي ۽ بگڙندي رهي آهي۔ گذريل 45 سالن دوران ضياءُ الحق، پيپلز پارٽي، مسلم ليگ (ن)، ايم ڪيو ايم ۽ پرويز مشرف جون حڪومتون به اينديون ويون، جڏهن ته جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم جا ميئر به هن شهر جي سٺي‑بري حالت جا مالڪ بڻيل رهيا۔
پر بار بار ميئر چونڊجڻ باوجود انهن مان ڪنهن به گل پلازا سميت ٻين گهڻ ماڙ عمارتن يا مارڪيٽن جي تعمير ۾ ٿيندڙ بيقاعدگين ڏانهن سنجيدگي سان ڌيان نه ڏنو، بلڪه يا ته مجرمانه خاموشي اختيار ڪئي وئي يا پاڻ ئي انهيءَ مافيا جو حصو بڻجي ويا۔
ايم ڪيو ايم ته هن شهر کي پنهنجي جاگير سمجهندي ڪيترين ڏهاڪن تائين ڇا ڇا نه ڪندي رهي؟
جڏهن هڪ ئي ڏينهن ۾ ويهه، پنجويهه شهرين جون بوري بند لاشون ملڻ جو کيل کيڏيو پئي ويو، تڏهن نه اختيارن جي ڳالهه ياد هئي ۽ نه ئي ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جو ڪو مطالبو ذهن ۾ آيو۔ اهو معلوم ناهي ته گل پلازا جي واقعي ۾ ڪير ملوث آهي، پر فاروق ستار، مصطفىٰ ڪمال، مقبول صديقي، امين الحق ۽ ڪجهه ٻيا حضرات هن واقعي کي زبردستي 18هين آئيني ترميم سان ڳنڍي، اختيارن جو رڙيون ڪري، جيئن پاڻ پنهنجي پيرن تي ڪهاڙو هڻي رهيا آهن ۽ ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن، تنهن سان انهن قياس آرائين کي وڌيڪ هٿي ملي ٿي ته گل پلازا کي گل ڪرڻ به شايد انهن جو ئي ڪم هجي۔
هڪ طرف دعوائون ڪيون وڃن ٿيون ته ڪراچي سڄي پاڪستان کي پالي ٿي، ته ٻئي طرف بغير سوچ ويچار جي پاڻ ئي ڪراچي کي اسلام آباد حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي۔ ڪڏهن غور ڪيو آهي ته ڪراچي کي وفاق يا اسلام آباد حوالي ڪرڻ جو مطلب ڇا آهي؟ ڪڏهن ان جا جذباتي ۽ عملي اثر به سوچيا آهن؟ حالتون ڪيئن به هجن، ڇا ڪنهن پنهنجي اثاثن، پنهنجي ملڪيت، پنهنجي وسيلن ۽ پنهنجي بنيادي حقن کي ڪنهن ٻئي حوالي ڪيو آهي اوھين جيڪو به چوندا، جيڪو به ڪندا، پر ياد رکو ته ڪراچي جي سمورن شهرين سان گڏوگڏ سنڌ جي ٻين شهرن جا ماڻهو ڪنهن به قيمت تي ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو تصور به نٿا ڪري سگهن۔
پاڪستان جي سڀني شهرن جا ماڻهو، ۽ خاص طور تي ڪراچي سميت سنڌ جا سڀ شهري، اهو ڏينهن به وساري نٿا سگهن جڏهن هن ملڪ جي وڏي عدالت جي چيف جسٽس کي ڪراچي ايئرپورٽ تي محصور رکڻ لاءِ ڪراچي جي اهم شاهراهه تي معصوم شهرين جو تتر بٽير وانگر سڄو ڏينهن شڪار جاري رکيو ويو، پر ان وقت به نه جماعت اسلامي کي ۽ نه ڪنهن ٻئي کي ڪراچي اسلام آباد حوالي ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿي۔ بلديه فيڪٽري جي واقعي جو ذڪر ڪجي ته اوهان ناراض ٿي وڃو ٿا، نشتر پارڪ ۾ لڳ ڀڳ سٺ عالمن کي ڌماڪي سان الله حوالي ڪرڻ جو واقعو ياد ڏيارجي ته به ڪاوڙجي پئو ٿا وڪيلن کي جيئرو ساڙڻ، بولٽن مارڪيٽ کي باهه ڏيڻ جون وارداتون ياد ڏيارجن ته اوهان ڀونءِ چڙهائي ويهو ٿا، محبت سنڌ ريلي تي فائرنگ ڪري بتول صديقي سميت لڳ ڀڳ درجن کن پرامن شهرين جي شهادت جو ذڪر ڪجي ته به اوهان ناراض ٿي وڃو ٿا، پر ان وقت اوهان کي اهي اختيار ڪنهن ڏنا هئا؟ان وقت نه اختيارن جي هيٺين سطح تائين منتقلي ياد هئي ۽ نه ئي ڪراچي کي اسلام آباد حوالي ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿي۔
ياد رکو، اهو وقت هاڻي ماضي بڻجي چڪو آهي۔ ڪراچي، ڪراچي ۾ رهندڙ سڀني ڀائرن جو گڏيل شهر به آهي، سنڌ جو ناقابلِ جدا شهر به آهي، سنڌ جو گاديءَ جو هنڌ به آهي، ۽ هميشه رهندو۔ پيپلز پارٽي جي حڪومت کان شڪايت ڪريو، انهن جي بدحڪمراني، نااهلي، ڪوتاهي، غفلت ۽ ڪرپشن خلاف بيشڪ شڪايتون به ڪريو، جدوجهد به ڪريو، اسان ان جدوجهد ۾ اوهان سان گڏ هوندا سين، پر پيپلز پارٽي جي دشمني يا مخالفت ۾، يا انهن جي خوشنودي خاطر جن جا اوهان منظورِ نظر آهيو، سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن کي ورهائڻ، پاڻ ۾ وڙهائڻ ۽ الجهائڻ کان پاسو ڪريو۔ سنڌ جا ماڻهو، ۽ خاص طور تي ڪراچي جا شهري، چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا ته گذريل پنجاهه سالن دوران جنهن نموني بيقاعدگيون ڪيون ويون، ۽ جنهن طريقي سان ڌڙاڌڙ ڪثيرالمنزل عمارتون ۽ مارڪيٽون ٺهنديون رهيون، انهن جا نتيجا ۽ اثر نظرانداز نٿا ڪري سگهجن۔ ۽ گل پلازه جهڙن وڌيڪ دل ڏاريندڙ واقعن جي خطري کي انهن پنجاهه سالن جي حڪمرانن جو تحفو سمجهي ذهني طور تي تيار رهڻو پوندو۔
هي ڳالهه درست آهي ته هن ملڪ جو اصل ۽ بنيادي مسئلو اختيارن جو ئي آهي۔ ۽ جيستائين وفاق ۾ شامل سمورين قومي وحدتن ۽ لاڳاپيل رياستن جي اڪثريتي ماڻهن جي مڪمل اختيارن سان حقِ حڪمراني تسليم نه ڪئي ويندي، ۽ جيستائين وفاقي يونٽن کي وڌيڪ اختيار ڏئي اڪثريتي عوام جي معاشي ۽ سماجي مسئلن جي حل لاءِ هيٺين سطح تائين ذميوار ۽ جوابده نه بڻايو ويندو، تيستائين نه شهرين جا بنيادي حق بحال ٿيندا، نه گڏيل ۽ اجتماعي مسئلا حل ٿيندا، ۽ نه ئي گل پلازه جهڙن صدمن کان نجات حاصل ٿيندي۔