لکي غلام شاهه ويجهو مسافر ڪوچ مان ڦرلٽ، فائرنگ، ايس ايڇ او شهيد

لکي غلام شاهه / شڪارپور (رپورٽ: نديم جان مهر/ ذوالفقار مگسي/ زاهد سنجراڻي) لکي غلام شاهه لڳ مسافر ڪوچ کان  ڦر دوران هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ايس ايڇ او لکي خميسو خان بروهي شهيد، 7 کان وڌيڪ هٿياربندن سکر، شڪارپور روڊ تي ڪاھ ڪري روڊ تي پلال رکي باھ ڏئي نوابشاهه کان ڪوئٽه ويندڙ مسافر ڪوچ کي بيهاري ٽائرن ۾ گوليون هڻي مسافرن کي يرغمال بڻائي موبائيلن فونيون، روڪ رقم سميت لکين رپين جي ڦرلٽ ڪئي، اطلاع لکي غلام شاهه جي ايس ايڇ او پهچڻ شرط مقابلو ٿي پيو جنهن دوران ايس ايڇ او خميسو خان بروهي کي پيٽ ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو جنهن کي سکر ضياءُ الدين اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي شهيد ٿي ويو، جنهن کي لکي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙھ پوليس لائين منتقل ڪيو ويو جتي  شهيد ايس ايڇ او جي جنازي نماز پوليس لائين شڪارپور ادا ڪئي وئي، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي شڪارپور ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور سميت اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي شهيد ايس ايڇ او جي پونيئرن هڪ ڪروڙ رپيا 2 نوڪرين جو اعلان ڪيو ويو، جڏهن ته ڏوهارين جا پيرا مرزا پور جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ فقير جوڻيجو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن گم ٿيڻ بعد پوليس جو آپريشن ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن ڪيو ويو، شهيد ايس ايڇ او لکي خميسو خان بروهي جو مڙه سلطان ڪوٽ ويجهو اباڻي قبرستان سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد خميسو خان بروهي پنهنجي فرض جي ادائگي دوران ڏوهارين جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ جان جو نطرانو ڏنو آهي کيس سلام پيش ڪيون ٿا، سنڌ حڪومت پاران شهيد جي پونئرن لاء هڪ ڪروڙ رپيا جڏهن ٻه نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، ڊي ايس پي لکي محمد علي سومرو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته 6 هٿياربندن مان پنج هٿيار بندن جا پيرا مرزاپور جي ڪچي واري علائقي طرف ويا آهن جمال پور ٿاڻي جي حد مان ريلوي ٽريڪ ويجهو موٽر سائيڪل سوار هٿياربند فرار ٿي ويا آهن، لکي غلام شاھ ٿاڻي جي حدن ۾ اڳ به ڊي ايس پي ميهڙ علي لانگاھ کي ڦر دوران شهيد ڪيو ويو ڪجھه سال اڳ ايس ايڇ او لکي مرتضي ميراڻي کي ڪچي ۾ آپريشن دوران شهيد ڪيو ويو جنهن جا ٻه اڃان تائين قاتل جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.