وري دهشت گرد تنظيم کي همٿايو پيو وڃي، ڪراچي نه ڏينداسين:اياز لطيف

ٻنون/ دڙو (پ ر/منٺار ٺاراڻي) قومي عوامي تحريڪ پاران پاڻي تي ڌاڙي، ڪرپشن ڪارپوريٽ فارمنگ، بدامني لاقانونيت،ميرٽ جي لتاڙ، وسيلن جي لٽ مار، غيرقانوني طور ترسيل افغانين سميت ڌارين جي آبادڪاري، سنڌ جي وحدت تي وار،26 ۽ 27 آئيني ترميمن خلاف ٻنون شهر ڀرسان ڊڀو موري ۾ محبت سنڌ جلسو عام منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو مھمان خاص طور شرڪت ڪئي اياز لطيف پليجو کي ڏتا اسٽاپ، جنھاڻ سومرو، قادر ڏنو شاھ موري ،ٻنون شهر ۾ هزارين ماڻهن شاندار استقبال ڪيو، ڌماچ اسٽاپ تي ڌماچ برادري کيس بوسڪي جو پٽڪو ٻداريو ويو، کيس گاڏين جي ھڪ وڏي جلوس جي شڪل ۾ ڊڀو موري اسٽاپ تي محبت سنڌ جلسو  ڪوٺايو ويو جتي ھزارين ماڻهن استقبال ڪيو، قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي محبت سنڌ جلسي ۾ ھزارين ماڻهن کي خطاب ڪندي چيو ته اوهان ٻيهر هڪ دهشتگرد تنظيم کي ڪراچي وفاق جي حوالي ڪرڻ لاءِ همٿايو پيا، ڪراچي وفاق جي ڪرڻ جي ڳالھ معني سنڌين جي ڇاتين ۾ خنجر ھڻڻ، ڪراچي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي ڳالھ معني سنڌين جي عزتن ۽ غيرت ۾ ھٿ وجھڻ،ڪراچي سنڌ کان ڌار جي ڳالھ ڪرڻ معني سنڌ جي ھزارين سالن جي تھذيب تي حملو ڪرڻ متان سمجھو سنڌي ماٺ ڪريو ويٺا آهن سنڌ جا اٺ ڪروڙ ماڻهو مرڻ مارڻ لاءِ تيار آهن، پنهنجو رت وهائينداسين پر ڪراچي نه ڏينداسين، ڪراچي سنڌ جو روح آهي ان جي تحفظ لاءِ سنڌ جا ماڻھو وڙھندا سنڌ جي جاگرافيائي حدن سان ھٿ چراند بند ڪئي وڃي، سنڌ سان خراب سلوڪ جو سلسلو هر دور ۾ جاري رهيو آهي سنڌ کي سدائين ورهائڻ ۽ دٻاءَ ۾ رکڻ جو سلسلو جاري رکيو ويو آهي 26هين ترميم ذريعي عدالتن تي قبضو لڳايون ويون آهن ۽ اهڙيون عدالتون جوڙيون پيون وڃن ته جيئن من پسند فيصلا ورتا وڃن پيڪا ايڪٽ صحافت تي پابندي آهي، جنهن تحت صحافين کي محدود ڪيو ويو آهي، هن چيو ته سنڌ  ننڍن ۽ وچولن شھرن سجاول، بدين، ڏھرڪي، شھداد ڪوٽ،  ٽنڊو محمد خان، قمبر، ميرپور ماٿيلو، گھوٽڪي، ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، سانگھڙ، عمرڪوٽ، مورو، ٽنڊو الھيار، ھالا، دادو ۾ نه ڪا يونيورسٽي آھي نه ڪا فضيلت ڀري اسپتال، نه ڪو جديد گرلس ڪاليج ۽ نه ئي ڪا مناسب اسپورٽس فيسيلٽي، آھي ته بس صرف بک آھي، ڪرپشن آھي، ھوائي نعرا آھن، جھمريون آھن، سيلفيون آھن، فضول بحث آھن، جھالت آھي، بيماري، بيروزگاري ۽ لاقانونيت آھي، کرب پتي ۽ قدرتي وسيلن سان مالا مال پنھنجي امير ترين ڌرتي سنڌ کي گذريل ارڙھن سالن ۾ بيدردي سان تباھ ۽ برباد ڪيو ويو آھي، پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت  ڪيڏي وحشانيت، رٿابندي ۽ بيحيائي سان ست ھزار سالن جي تاريخ رکندڙ سنڌي قوم کي سوچي سمجھي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي، ٽڪي جي ڪرسين لاءِ سنڌ جو سودو نه ڪيو سنڌ کي بڳرن جي مٺ تي نه وڪرو ڪريو گهرن کان ٻاهر نڪرڻ کانسواءِ سنڌ جا مسئلا حل نه ٿيندا. ملڪ دشمن آئينن ذريعي عدالت ۽ جمھوريت جو جنازو ڪڍيو ويو آھي، اقتدار خاطر انصاف جا دروازا بند ڪيا ويا آھن، جمھوريت کي ختم ڪري آمريت جا دروازا کوليا ويا آھن، اظھار جي آزادي، عوام جي آواز کي بند ڪرڻ جا ڪارا قانون جوڙيا پيا وڃن.ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنال سنڌ دشمن منصوبا آھن. پيپلز پارٽي ھميشه مظلوم قومن جي تباھي جا قانون ٺاھيا ۽ انھن کي تحفظ ڏنو آھي، پيپلزپارٽي اقتدار جي نشي ۾ مست حڪمران ياد ڪن ته اقتدار ڪجھ وقت لاءِ ھوندو آھي، اھو اچڻو ۽ وڃڻو آھي پر وطن، درياھ، ۽ ڌرتي سدائين لاءِ ھوندا آھن. قومي عوامي تحريڪ   روزگاري، مھانگائي، منشيات، بدامني ۽ ڪرپشن جي ڌٻڻ ۾  ڦاٿل سنڌ کي پرامن جدوجهد ذريعي نجات ڏياريندي، اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجو درياءَ ۽ زمينون کپائڻ نه ڏيندا سنڌيو پنھنجي ايندڙ مستقبل آهي درياءَ،زمينون ۽ وسيلا ھليا ويا ته تاريخ ۾ مجرم بنجي وينداسين وفاقي حڪومت ھوش کان ڪم وٺي، سنڌي ماڻھن کي ديوار سان نه لڳائي وفاقي حڪومت جيڪڏھن سمجھي ٿي ته پيپلز پارٽي کي ڪرپشن جي اجازت ڏئي اھي سنڌو درياھ، سنڌ جو پاڻي، وسيلا کڻي ويندا، حڪمران سمجھن ٿا ته سنڌي ماڻھو خاموش رھندا ته اھا انھن جي ڀل آھي. سنڌي ماڻھو خاموش تماشائي نه رھندا، سنڌي ماڻھو پنھنجي حقن ۽ وسيلن لاءِ اٿندا ته حڪمرانن جا رستا بند ٿي ويندا، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ميرٽ کي قتل ڪيو ويو آهي نوجوان شديد احساس محرومي جو شڪار آهن پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ويٺل ڪرپٽ مافيا ڪروڙين روپيا رشوت وٺي نوڪريون وڪڻي رھي آھي، اقتدار تي ڪرپٽ ۽  عوام مافيا جو قبضو آهي حڪمران طبقو بادشاھي زندگي گذاري ٿو، سنڌ سميت  ملڪ جي سمورن وسيلن کي لٽيو ويو، پر مزدور، ھاري، شاگرد، استاد ۽ پورھيت طبقو اڃان تائين بنيادي انساني حقن کان محروم آھن، سنڌ کي ھٿ وٺي تباھ ۽ برباد ڪيو ويو آھي. پيپلز پارٽي چاھي ھا ته 18 سالن ۾ سنڌ مان غربت، بک بدحالي ۽ بيروزگاري ختم تي وڃي ھا پر ڪرپٽ وزير تعليم، صحت، زراعت سميت ھر کاتي کي لٽي کرب پتي تي ويا آھن. ڪرپشن ذريعي کٽيل دولت ٻاھرين ملڪن ۾ منتقل ڪئي وئي آھي، سنڌ کي تباھ ۽ برباد ڪندڙ پيپلزپارٽي آهي جنهن پنهنجي مسلسل ارڙهن سالن جي اقتداري دور دوران سنڌ کي تباهي ڪرپشن کان سواءِ ڪجھ نه ڏنو. پيپلزپارٽي سنڌي ماڻهن کان ووٽ وٺي پوءِ انهن کي بي يارومددگار ڇڏي ڏيندي آهي. جلسي کي پنھل سولنگي، زين سومرو، اشرف پليجو، يوسف لاشاري ۽ ٻين خطاب ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.