سانگهڙ (رپورٽ: محمد حسين ملاح) چوٽياريون ٿاڻي جي حد ۾ نينگري شاد بانو ملاح سان مبينا ذيادتي ۽ وحشيانه تشدد جي ڪيس ۾ نامزد جوابدار وزير راڄڙ کي پوليس پاران سخت سيڪيورٽي هيٺ سانگهڙ ڪنزيومر پروٽيڪشن اينڊ جوڊيشل ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو، جوابدار کي ڪنزيومر پروٽيڪشن اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ فهيم حسين راجپر جي عدالت ۾ پوليس ريمانڊ حاصل ڪرڻ لاءِ پيش ڪيو ويو، جتي چوٽياريون ٿاڻي جي پوليس طرفان جوابدار جو 14 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ گهريو ويو جنهن تي عدالت سڳوري دليل ٻڌڻ بعد جوابدار وزير راڄڙ جو ٽن ڏينهن جو پوليس ريمانڊ منظور ڪندي کيس پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، عدالت ۾ پيش ٿيڻ دوران پوليس جوابدار وزير راڄڙ کي چهرو ڍڪي عدالت ۾ پيش ڪرڻ بعد جوابدار کي جسماني ريمانڊ لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته وحشياڻي تشدد جو شڪار 14 سالن جي نياڻي شادبانو ملاح بابت ضلعي پوليس سرجن شروعاتي ميڊيڪو ليگل سرٽيفيڪيٽ جاري ڪري ڇڏيو، سرٽيفيڪيٽ موجب شادبانو کي واقعي واري رات 3:45 وڳي نيم بيهوشي جي حالت ۾ سول اسپتال سانگهڙ آندو ويو، جتي سندس ڪپڙا ڦاٽل ۽ رت سان ڀريل هئا، ميڊيڪو ليگل رپورٽ موجب نياڻي جي چهري، پيشاني، نڪ جي هڏي، اکين جي هيٺان، ڪنن، ٻنهي چپن ۽ زبان تي تيز ڌار اوزار سان ڪيترائي زخم لڳل آهن، جڏهن ته چهري ۽ هٿن تي خراشون ۽ سوڄ پڻ موجود آهي، رپورٽ ۾ زخم سخت نوعيت جا قرار ڏنا ويا آهن، جيڪي وحشياڻي تشدد جي واضح نشاندهي ڪن ٿا.
وحشت جو نشانو بڻيل شاد بانو ملاح جو حيدرآباد اسپتال ۾ علاج هلندڙ
حيدرآباد (رپورٽر) سانگهڙ جي چوٽياريون واري علائقي ۾ بااثر شخص جي پٽ پاران وحشيت جو شڪار بڻايل ناري شاد بانو ملاح کي علاج لاءِ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، اسپتال انتظاميا شاد بانو ملاح کي پلاسٽڪ سرجري وارڊ ۾ داخل ڪري ڇڏيو آهي جتي سندس پلاسٽڪ سرجري، نڪ۽ ڪن ۽ گلي جي ماهر ڊاڪٽرن طبي معائنو ڪيو. سندس مائٽ ۽ ڀائر به ساڻس گڏ سول اسپتال پهتل آهن، واقعي بعد ناري کي پهريان سانگهڙ ۽ بعد پيپلز ميڊيڪل اسپتال نوابشاهه ۾ داخل ڪيو ويو هو جتان کيس سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. جتي سندس پلاسٽڪ سرجري ڪئي ويندي. واضع رهي ته چوٽياريون واري علائقي ۾ ناري کي بااثر جي پٽ وهشت جو نشانو بنائڻ بعد منهن تي تيز ڌار جا جهير ڏئي سخت زخمي ڪيو هو.
سنڌ وحشت جي ور چڙهي وئي آهي، نياڻين جون عزتون محفوظ ناهن: نواز زئور
حيدرآباد/جھوڪ شريف (پ ر) جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چئرمين نواز خان زئور چيو آھي ته چوٽيارون واقعي انسانيت جو ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو آھي تشدد ۽ لڄالٽ ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت قدم کنيا وڃن شادبانو ملاح سان انصاف ڪيو وڃي انتھائي افسوس ناڪ واقعو آھي، ڪيڏا به سگھارا ھٿ ھجن پر قانوني ڪٽهڙي ۾ جوابدار ٿي اچڻ گھرجن سنڌ جيڪا انتھائي نازڪ صورتحال آھي وحشت ۽ دھشت جي ور چاڙھي وئي آھي ھڪ طرف اغوا ڦرون قبلائي جھيڙا خون گردي ته ٻئي طرف وري منشيات جو وڪرو ۽ واھپو تيزي سان جاري آھي جيڪا سنڌ جي مستقبل لاءِ انتھائي خطرناڪ آھي لکين ماڻھو منشيات واپرائڻ سبب مفلوج بنجي چڪا آھن سنڌ ۾ وڌندڙ منشيات کي روڪڻ لاءِ ڪو به قانون ڪونھي.
آسيا ۽ شاد بانو ملاح واقعا سرڪار جي منهن تي چماٽ آهن:ڪاشف سعيد
ڪراچي (پ ر) اميرِ جماعت اسلامي سنڌ ڪاشف سعيد شيخ سکر–شڪارپور قومي شاهراهه تي لڪي غلام شاهه وٽ مسافر گاڏين مان ڦرلٽ ۽ ڏوهارين جي پوليس پارٽي تي شديد فائرنگ جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او خميسو بروهي جي شهادت تي افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هي افسوسناڪ واقعو پيپلز پارٽي جي حڪومت ۽ گهرو وزير پاران سنڌ ۾ مثالي امن امان بابت ڪيل دعوائن جي پت کولي ڇڏي آهي، جڏهن سنڌ ۾ پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪار به ڏوهاري راڄ کان محفوظ ناهن ته عام ماڻهن جو ڇا حال هوندو، سنڌ ۾ ڪچي ۽ پڪي جا ڌاڙيل آزاد گهمي رهيا آهن، جڏهن ته شريف ۽ امن پسند ماڻهو پوليس گردي جو شڪار بڻيل آهن، ٺُل جي آسيا کوسو ۽ چوٽياريون ۾ شاد بانو ملاح سان لڄالُٽ جهڙا واقعا سنڌ حڪومت جي منهن تي ڪارو داغ آهن، پوليس اهلڪارن پاران حراست دوران ناري سان اجتماعي ڏاڍائي جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، وفاقي حڪومت پاران رڳو پنهنجن مخالفن کي ڪچلڻ ۽ ٽرمپ جي خوشامد لاءِ ڪوششون جاري آهن، جڏهن ته سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ امن امان جي بحالي، عوام جي جان، مال ۽ عزت آبرو جي تحفظ لاءِ ڪو به قدم کنيو نٿو وڃي، جنهن سبب عام ماڻهو سخت خوف ۽ هراس جو شڪار آهي، صوبائي امير پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ روزانو ڏوهارين جا ٽولا قومي شاهراهَن تي مسافر گاڏين کي روڪي موبائل فون، نقدي سميت قيمتي سامان لٽي فرار ٿي وڃن ٿا، هاڻي ته سکر–ملتان موٽروي سميت ڪوبه روڊ محفوظ ناهي. گذريل سترهن سالن کان سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ حڪومتي جماعت پنهنجي اقتدار کي محفوظ بڻائڻ ۽ سنڌ ۾ مثالي حڪمراني جون ڪوڙين دعوائن ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه به نٿي ڪري.