بلوچستان ۾ پارو ڪاٽو 12، وهندڙ پاڻي ڄمي ويو، زندگي جو نظام متاثر

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ پارو ڪاٽو 12 ٿي ويو، جتي وهندڙ پاڻي به ڄمڻ لڳو ۽ زندگي جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي.
صوبي جي اتر ۽ مٿانهن علائقن ۾ برفباري رڪجڻ باوجود هائبيرين هوائن جو سلسلو برقرار آهي.
ڪوئيٽا، قلات، چمن ۽ زيارت ۾ پارو ڪاٽو ۾ وڃڻ سبب گهرن جي پائپ لائنن ۾ پاڻي ڄمي ويو، جنهن سبب شهري سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
سخت سيءُ سبب تلائن، روڊن ۽ کليل جاين تي به پاڻي ڄمي ويو، جنهن سبب ڪاروهنوار ٺپ ٿي ويو آهي.
پاڪ – افغان سرحدي ۽ مٿانهن علائقن ۾ پارو ڪاٽو 12 تائين رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.