پيرجوڳوٺ (رپورٽ: وسيم سنڌي) پيرڳوٺ ڀرسان فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حد ڪوٽ ميرمحمد شهر ۾ جوابدارن مبينا طور ڪارنهن الزام هيٺ ناري الهورائي شر کي قتل ڪيو جڏهن بعد ۾ عبدالرحمان انڙ ٿاڻي جي حد ڪي ٽي زمان شاه ۾ جوابدارن فائرنگ ڪري نوجوان غلام حسين تيغاڻي کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن . ان سلسلي ۾ فيض محمد ٻنڊو ۽ عبدالرحمان انڙ ٿاڻن جي پوليس جو چوڻ آهي شر برادري جي جوابدارن ڪارنهن الزام هيٺ ناريءَ نوجوان کي قتل ڪيو آهي لاش تحويل ۾ وٺڻ لاء پوليس واقعي واري هنڌ رواني ٿي وئي آهي جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو جڏهن ته اهڙي واقعي سبب علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو .