خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ جعلي ڊگرين وارو ڪاروبار عُروج تي پھتل، يونيورسٽي جي امتحانن واري ڪنٽرولر پاران 130 ڄڻن مٿان ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ گذريل 4 مھينن دوران مختلف ادارن مان 130 ڊگريون تصديق لاءِ آيون جتي ڊگرين جو ڪو به رڪارڊ موجود ناھي جعلي ڊگرين تي مختلف ادارن ۾ ماڻھو نوڪريون ڪري رهيا آهن انھن ادارن مان جڏھن ويريفڪيشن لاءِ ڊگريون يونيورسٽي پھتيون ته انھن جو ڪو به رڪارڊ موجود نه هو، جعلي ڊگريون رکندڙ 130 ماڻھن مٿان امتحانن جي شعبي جي اسسٽنٽ ڪنٽرولر سيد حامد علي شاھ جي فرياد تي جعلسازي جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي آهي ايف آءِ آر ۾ جعلي ڊگريون ٺاھيندڙ ملازمن ۽ ڊگريون ڪيئن جاري ڪيون ويون ان بابت ڪو به ذڪر ناھي ڪيو ويو.