لڳي ٿو باهه واقعي ۾ 18هين ترميم کي ساڙڻ چاهين ٿا:شازيا مري

ڪراچي (رپورٽر) پيپلزپارٽي اڳواڻ شازيا مري چيو آهي ته ڪراچي ۾ افسوسناڪ واقعي تي سڀني کي تڪليف ٿي. پارليامينٽ  هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي ذميواري سهڻي نموني نڀائي رهي آهي پر هن واقعي تي جيڪا سياسي ٿي رهي آهي اها افسوسناڪ آهي.  شازيا مري چيو ته باهه واقعي جي جاچ جي ضرورت آهي، لڳي ٿو ته اهي باهه واقعي ۾ ارڙهين  ترميم کي باهه ڏيڻ چاهين ٿا. هن چيو ته هڪ وفاقي وزير سنڌ جي شهر کي وفاق جي قبضي ۾ ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي، اسان کي خبر آهي ته اوهان قبضي جي سياست ڪئي ۽ نالو وٺي پاڻ کي وائکو ڪيو. شازيا مري چيو ته ايم ڪيو ايم جي سڀني ماڻهن وقت سان گڏوگڏ هڪٻئي تي چارج شيٽ ڏني. اهڙيون ڳالهيون ڪري ڪيترن ئي ماڻهن جي احساسن کي ڇيهو رسايو ويو.مسلم ليگ ن جي وزير بيان ڏنو هجي يا ڪنهن ٻئي ڏنو هجي، اهو مذمت جوڳو آهي. ڪراچي کي سڀ خبر آهي، ان لاءِ ڪير به اوهان جي پٺيان ناهي بيٺو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.