گل پلازا جي گرائونڊ فلور ۾ به لاش موجود هجڻ جو خدشو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ گل پلازا ۾ باهه کان پوءِ ڊي جي ريسڪيو 1122 بريگيڊئر رٽائرڊ صبغت الله چيو آهي ته گرائونڊ  فلور تي به لاش موجود هجڻ جو خدشو آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي جي ريسڪيو 1122 ٻڌايو ته باهه سبب 85 ماڻهو گم هئا، جن مان تقريبن 64 لاش ملبي مان نڪري چڪا آهن، گرائونڊ فلور تي پڻ لاش ٿي سگهن ٿا، صبغت الله وڌيڪ ٻڌايو ته عمارت جو 10 کان 15 سيڪڙو حصو اهڙو آهي جتي اڃا پهچي نه سگهيا هئا ۽ اڄ انهن حصن ۾ پڻ سرچنگ ڪئي ويندي، ڊي جي ريسڪيو 1122 موجب جي پي ايس ريڊار ذريعي معلوم ڪيو ويو ته ڪو به زندہ موجود ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.