اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جيڪڏهن مان اڳوڻي صدر جنرل پرويز مشرف خلاف ٻاهر نڪري سگهان ٿو ته مان سندس خلاف به ٻاهر نڪري سگهان ٿو، جيڪڏهن نواز شريف ۽ شهباز شريف هن غلامي کي قبول ڪرڻ چاهين ٿا ته انهن کي مبارڪون هجن، اسان غلامي قبول نه ڪنداسين. جمعيت علماءَ اسلام (جي يو آءِ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته مان 18 سالن کان گهٽ عمر وارن نوجوانن بابت قانون سازي کي غير اسلامي سمجهان ٿو، مان توهان جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندس، 18 سالن کان گهٽ عمر وارن نوجوانن جون شاديون ڪرائيندس. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق کي چيو ته مون کي محسوس ٿي رهيو آهي ته اوهان دٻاءَ هيٺ آهيو.ان تي اسپيڪر جواب ڏنو ته هي اهڙي ڪرسي آهي، جنهن مان نه حڪومت خوش هوندي آهي ۽ نه ئي اپوزيشن.مولانا فضل الرحمان چيو ته هو 18 سالن کان گهٽ عمر وارن نوجوانن بابت قانون سازي کي غير اسلامي سمجهي ٿو ۽ بهتر اهو هو ته اها قانون سازي اسلامي نظرياتي ڪائونسل ڏانهن موڪلي وڃي ها. هن چيو ته هو ان قانون جي ڀڃڪڙي ڪندو، 18 سالن کان گهٽ عمر وارن نوجوانن جون شاديون ڪرائيندو .