اسلام آباد(بيورو رپورٽ) زال کي گهوري ڏسڻ يا طلاق جي ڌمڪي ڏيڻ تي ٽي سال ٽيپ ملندي، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ زال ۽ ٻارن جي سماجي تحفظ سان لاڳاپيل اهم قانون منظور ڪيو ويو آهي، جنهن مطابق زال کي ڳڻڻ، طلاق يا ٻي شادي جي ڌمڪي ڏيڻ، ۽ زال کي هن جي مرضي کان سواءِ گهر ۾ ٻين ماڻهن سان رکڻ به سزا جوڳو ڏوهه قرار ڏنو ويو آهي. هن قانون ۾ زال، ٻارن يا گهر ۾ رهندڙ ٻين ماڻهن کي گهوري ڏسڻ، جذباتي يا نفسياتي طور تي پريشان ڪرڻ به ڏوهه شمار ڪيو ويو آهي، ۽ ان ڏوهه ۾ ملوث ماڻهن کي ٽي سال تائين جي سزا ۽ هڪ لک رپيا تائين جو ڏنڊ پڻ لاڳو ڪيو وڃي سگهي ٿو. ڊوميسٽڪ وائلنس ايڪٽ 2026 ۾ زال، ٻارن کان علاوه گهر ۾ معذور ماڻهن يا بزرگن کي تنگ ڪرڻ به ڏوهه قرار ڏنو ويو آهي. زال کي هن جي مرضي کان سواءِ گهر ۾ ٻين ماڻهن سان رکڻ، خاندان جي ماڻهن جي پرائيويسي يا عزت نفس کي ٽوڙڻ پڻ جرم سمجھيو ويو آهي. ايڪٽ مطابق، زال يا گهر ۾ رهندڙ ٻين ماڻهن کي جسماني تڪليف ڏيڻ جي ڌمڪي ڏيڻ، گهر ۾ گڏ رهندڙ ڪنهن به پارٽي تي الزام لڳائڻ، ۽ زال، ٻارن يا گهر ۾ رهندڙ ٻين ماڻهن جو خيال نه رکڻ به سزا جوڳو جرم آهي.