سنڌ ۾ فائر سيفٽي نوٽيس جاري، 35 عمارتن کي نوٽيس جاري

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (SBCA) سڄي سنڌ صوبي ۾ فائر سيفٽي قانونن تي سختي سان عملدرآمد  کي يقيني بڻائڻ لاءِ گڏيل انفورسمينٽ ڊرائيو جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي۔ صوبائي مڪاني کاتي جي وزير سيد ناصر حسين شاهه جي هدايت تي صوبي جي تمام ريجنز ۾ فائر سيفٽي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، جنهن مان واضح ڪيو ويو آهي ته اها ڪارروائي صرف ڪراچي تائين محدود ناهي۔ ايس بي سي اي جي علائقائي آفيسن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي رهائشي ۽ ڪمرشل عمارتن جو معائنو ڪري گهربل معيار پورو نه هجڻ جي صورت ۾ سخت قانوني ڪارروائي ڪن ته جيئن شهرين جي جاني ۽ مالي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي۔ ڊائريڪٽر جنرل سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي مزمل حسين هاليپوٽو ٻڌايو ته فائر سيفٽي قانونن تي عملدرآمد لاءِ خاص ٽيڪنيڪل ٽيمون جوڙيون ويون آهن جيڪي عمارتن ۾ باهه وسائڻ وارن اوزارن جي موجودگي ۽ فعال هجڻ، ايمرجنسي رستن (Exits) جي دستيابي ۽ فائر الارم سسٽمز جي صحيح حالت جو تفصيلي جائزو وٺي رهيون آهن۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.