ارڙهين ترميم رول بيڪ ڪرڻ ملڪ سان دشمني هوندي:سسئي پليجو

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي)اڳوڻي صوبائي وزير ۽ سينيٽر سسئي پليجو چيو آھي ته مصطفيٰ ڪمال ھڪ ڀيرو ٻيھر سنڌ جي  وحدانيت ۽ سنڌ جي خلاف زھر اوڳاڇي ان ڳالههھ جو ثبوت ڏنو آھي ته ھُو تقسيم واري سياست ۽ لسانيت جي باھ ڀڙڪائڻ سازش کي ھٿي ڏيڻ چاھين ٿا۔ ارڙھين ترميم جنھن صوبن جي آءِني حقن کي وڌيڪ ممڪن بنايو ۽ صوبن مان محرومي کي گھٽ ڪرڻ جي عملي ڪوشش ڪئي، ان ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ جي ڪير به ڳالھ ڪندو ته اھو پاڪستان جي خلاف ڳالههھ تصور ٿيڻ کپي۔ ھن چيو ته اھڙي ڪابه ترميم تسليم نه ڪئي ويندي، اسان نه صرف ايم ڪيو ايم پر مسلم ليگ ن جي اڳواڻن کي ٻڌائڻ ٿا چاھيون ته ارڙھين ترميم کانپوءِ شيون بھتري وڃي رھيون ھيون ۽ اڃان به ان کي وڌيڪ بھتر ڪرڻ جي ضرورت آھي ۽ ان ترميم کي رول ڪرڻ جو مقصد صوبن ۾ اڃان وڌيڪ انتشار ڦھلائڻ جي ڳالھ ھوندي۔ اسان اھڙي سازش ڪڏھن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.