لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز کان اڳ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) هڪ پروموشنل وڊيو جاري ڪئي آهي، جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ”هينڊ شيڪ“ تڪرار هڪ ڀيرو ٻيهر بحث جو موضوع بڻجي ويو آهي.
پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽن ميچن تي ٻڌل سيريز 29 جنوري کان 1 فيبروري تائين لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.
پي سي بي طرفان جاري ڪيل پرومو ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ظاهري طور هڪ آسٽريليا شهري ميچ ڏسڻ لاءِ پاڪستان اچي ٿو، جتي سندس ڀرپور مهمان نوازي ۽ آجيان ڪئي وڃي ٿي.
وڊيو ۾کيس لاهور جي بادشاهي مسجد ڀرسان قائم فوڊ اسٽريٽ تي ماني لاءِ آندو وڃي، جتي ميز تي مختلف قسم جا طعام نظر اچي رهيا، ان تي آسٽريلوي شهري پريشان ٿي پڇي ٿو ته ”هيڏي کاڌي جو بل ڪير ڀريندو؟“
جنهن تي کيس ٻڌايو وڃي ٿو ته ڀر واري ميز تي ويٺل ”آغا جي‘“ بل ادا ڪري ڇڏيو آهي، ڇو ته ”توهان اسان جا مهمان آهيو!“
ان موقعي تي ڪيمرا جو رخ ”آغا جي“ ڏانهن ڦري ٿو جيڪو حقيقت ۾ پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي ڪپتان سلمان علي آغا آهي.
پرومو ۾ مهمان نوازي جي هڪ ٻئي منظر ۾ ٽيڪسي ڊرائيور آسٽريلوي شهري کان ڀاڙو وٺڻ کان انڪار ڪندي چوي ٿو ته ” مهمانن کان ڪو پئسا وٺندو آهي؟“
آسٽريلوي شهري ان تي ڏاڍو خوش ٿئي ٿو، پر جڏهن هو هٿ ملائڻ کان سواءِ وڃڻ لڳي ٿا ته ٽيڪسي ڊرائيور کيس ٽوڪيندي چئي ٿو ته ”هينڊ شيڪ وسري ويو توهان کان، لڳي ٿو پاڙيسرين وٽ به ترسيا آهيو.“
هي اصل ۾ اُن تڪرار ڏانهن اشارو آهي، جيڪو گذريل سال سيپٽمبر ۾ ايشيا ڪپ دوران پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ هٿ نه ملائڻ سبب پيدا ٿيو هو.
سوشل ميڊيا واهپيدارن موجب، پي سي بي پاڪستان-آسٽريليا ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پرومو ذريعي ڄاڻي واڻي ان ئي تڪرار تي ٺٺول ڪئي آهي.
سوشل ميڊيا واهپيدار اشتهاري وڊيو شيئر ڪري مختلف تبصرا ڪري رهيا آهن.
سماجي رابطن جي پليٽ فارم ايڪس تي علي رضا لکيو ته ”جڏهن پرومو سيريز کان به وڌيڪ جاندار هجي، پي سي بي وڌيڪ مصالحا وجهي رهيو آهي.“
معاذ احمد جتي سيريز ۾ پاڪستان ٽيم جي ڪاميابي لاءِ دعا ڪئي، اتي ايموجيز سان گڏ لکيو ته ”پرومو ته باهه لڳائي ڇڏي، هينڊ شيڪ واري منظر تي کلي کلي ذري گهٽ مرڻ وارو هئس.“
ڊاڪٽر محمد بن عمر نالي صارف لکيو ته ”هن اشتهار ۾ ڪنهن به ڀارتي کي نقصان نه پهچايو ويو آهي“
عبدالله ظفر به کلڻ واري ايموجيز سان لکيو ته ”هينڊ شيڪ وارو سين ٿورو پرسنل نه ٿي ويو؟“
جڏهن ته ملڪ مراد کي طنز جو اِهو طريقو پسند نه آيو، سندس خيال ۾ وڊيو تخليقي ۽ متاثر ڪندڙ هئي، پر ”هينڊ شيڪ“ وارو حصو غير ضروري هو، مارڪيٽنگ حڪمت عملي ۾ ساک برقرار رکڻ به ضروري آهي.
ايڪس تي ايس اي ايڇ نالي واهپيدار به هن طنز تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستاني ٽيم ايشيا ڪپ ۾ڀارت خلاف هڪ به ميچ نه کٽي سگهي، پر پوءِ به وڏي پيماني اڻوڻندڙ طنزيه وڊيوز ٺاهيا پيا وڃن.
پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کانپوءِ 7 فيبروري کان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ شروع ٿي رهيو آهي، جنهن جي ميزباني ڀارت ۽ سريلنڪا ڪندا، جڏهن ته لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ سبب پاڪستان ورلڊ ڪپ جون هڙئي ميچو ن ڀارت بدران سريلنڪا ۾ کيڏندو.