لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي سليڪٽر ليوڪ رائيٽ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ليوڪ رائيٽ جي استعيفيٰ جي تصديق ڪندي چيو ويو آهي ته هو ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ کانپوءِ سليڪٽر جو عهدو ڇڏيندو.
واضح رهي ته ليوڪ رائيٽ نومبر 2022 ۾ سليڪٽر جون ذميواريون سنڀاليون هيون ۽ هن پنهنجي فيصلي بابت انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
پنهنجي بيان ۾ ليوڪ رائيٽ چيو آهي ته ٽن ورهين تائين انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي سليڪٽر طور خدمتون انجام ڏيڻ سندس لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي.
اي سي بي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر راب ڪي جو چوڻ هو ته ليوڪ رائيٽ سليڪٽر طور انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ لاءِ غير معمولي خدمتون انجام ڏنيون،
You might also like