”يورپ امن بورڊ ۾ شامل نه ٿيو پر شهباز شريف قاتل نيتن ياهو سان گڏ ويهي مشاورت ڪندو“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته فرانس سميت ڪيترن ئي ملڪن بورڊ آف پيس ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو پر ڇا اسان جو وزيراعظم قاتل نيتن ياهو سان گڏ ويهي امن تي مشاورت ڪندو؟
قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اڄ ٽرمپ جي پيس بورڊ تي ڳالهائڻ ضروري آهي، برطانيا جي سرپرستي ۾ اسرائيل رياست قائم ڪئي وئي، ليگ آف نيشنز جي رپورٽ ۾ به يهودين کي فلسطين ۾ آباد نه ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي، ليگ آف نيشنز جي رپورٽ کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ يهودين کي فلسطين ۾ آباد ڪيو ويو.
هن چيو ته 70 هزار لاشن جي ذميوار نيتن ياهو کي بورڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ٽرمپ پاڻ بورڊ جو سربراهه بڻيو ويٺو آهي، اسان جون پاليسيون عالمي دٻاءَ تحت ٺهنديون آهن، پاڪستان جي باني اسرائيل جي حوالي سان جيڪا پاليسي 1940 جي ٺهراءَ ۾ ڏني، اسان ان تي ڇو نٿا ڳالهايون، قائداعظم اسرائيل کي ناجائز ٻار قرار ڏنو، قائداعظم جي نالي تي ٽڪرا کائڻ وارا ڇا قائداعظم جي اسرائيل بابت پاليسي جي ڀرسان به گذرن ٿا؟ قاتلن هٿان امن جي اميد پنهنجي پاڻ کي بيوقوف بڻائڻ آهي.
سندس چوڻ هو ايوان توڙي جو عوام جو چونڊيل ناهي پر پوءِ به ايوان ته آهي، ٻڌايو وڃي ايوان ته پري جي ڳالهه ڇا ڪابينا کي به اعتماد ۾ ورتو ويو؟ ذوالفقار علي ڀٽو گڏيل قومن ۾ وڃي رهيو هو ته ايوان جو ڀرپور اعتماد کڻي ويو، فلسطين جهڙي مسئلي تي قوم کي اعتماد ۾ ڇو نه ورتو ويو؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.