جيڪب آباد (ڊ ر) جيڪب آباد ۾ ناري آسيا کوسو سان ڏاڍائي ڪيس، پوليس ڪيس ۾ وڌيڪ ٻن ايس ايچ اوز کي هٿڪڙيون هڻي عدالت پيش ڪيو ويو، هڪ ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي، پوليس عدالتي حڪم تي ٻن ايس ايچ اوز سميت 8 جوابدارن کي ايف آئي اي حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس اهلڪارن ۽ ناري جي ڊي اين اي جا سيمپل اڄ ڄامشورو ليبارٽي اماڻيندي، ٺل ۾ ناري آسيا کوسو اجتماعي لڄالٽ ڪيس ۾ گرفتار وڌيڪ ٻن ايس ايچ اوز مقصود سنجراڻي ۽ نواز بروهي کي جڊيشل مئجسٽريٽ جي ٺل جي عدالت ۾ جاچ آفيسر ڊي ايس پي ٺل غلام مصطفيٰ ابڙو پوليس تحويل ۾ هٿڪڙيون لڳائي رمانڊ لاءِ پيش ڪيو ويو جتي عدالت سڳوري هڪ ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو، جڏهن ته ناري آسيا کوسو لڄالٽ ڪيس ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي حڪم تي ايف آئي اي حوالي ڪرڻ جي حڪم بعد جاچ آفيسر پاران ٻن ايس ايڇ اوز آر ڊي 44 جي نواز بروهي، آر ڊي 52 جي مقصود سنجراڻي ۽ اي ايس آءِ محراب سنراڻي، عبدالنبي سامت، مير حسن بمبل، غلام ياسين جکراڻي، برڪت جکراڻي خادم علي جکراڻي کي هٿڪڙيون لڳائي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو جڏهن ته لڄالٽ ڪيس ايف آئي اي منتقل ٿي ويو هوڏانهن ناري ۽ 6 پوليس اهلڪارن جي جاچ لاء ورتل ڊي اين اي جا سيمپل پوليس اڄ ڄامشورو ليبارٽري اماڻيندي، ڏاڍائي ڪيس جي جاچ آفيسر ڊي ايس پي ٺل غلام مصطفيٰ ابڙو ٻڌايو ته عدالتي حڪم تي اسان ڪيس جون سڀئي گهرجون پوريون ڪري ڪيس ايف آئي اي حوالي ڪري ڇڏيو آهي ۽ گرفتار ٻن ايس ايچ اوز سميت 8 جوابدارن کي ايف آئي اي حوالي ڪري ڇڏيو، الزام هيٺ ايس ايچ آر ڊي 44 محمد نواز بروهي ٻڌايو ته اسان کي اميد آهي اسان سان انصاف ٿيندو جيڪڏهن منهنجي پوليس اهلڪارن جي هڪ جي به سيمپل ناري آسيا سان ميچ ٿيو ته مون سميت منهنجي سڀني پوليس اهلڪارن کي وچ چوڪ تي ڦاهي ڏيو اسان مٿان ڪوڙو الزام لڳايو ويو آهي، واقعي جو ڪيس مان پاڻ داخل ڪيو هو ان وقت فريادين اهڙي ڪابه ڳالهه نه ڪئي هو هروڀرو اسان مٿان الزام لڳائي رهيا آهن.
-
اينٽي ريپ ڪرائسس سيل جي غيرفعال هجڻ جو انڪشاف
جيڪب آباد:آسيا کوسو زيادتي ڪيس! اينٽي ريپ ڪرائسس سيل جي غيرفعال هجڻ جو انڪشاف، جيڪب آباد ۾ آسيا کوسو زيادتي ڪيس جي تناظر ۾ وفاقي حڪومت پاران قائم ڪيل اينٽي ريپ ڪرائسس سيل جي غيرفعال هجڻ بابت انڪشاف ٿيو آهي جنهن تي قانوني ماهرن سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي وفاقي حڪومت 2021ع ۾ اينٽي ريپ انويسٽيگيشن اينڊ ٽرائل ايڪٽ متعارف ڪرايو هو جڏهن ته 10 جولاءِ 2023ع تي باقاعده نوٽيفڪيشن ذريعي ملڪ جي هر ضلعي ۾ اينٽي ريپ ڪرائسس سيل قائم ڪيا ويا هئا نوٽيفڪيشن موجب اينٽي ريپ ڪرائسس سيل ۾ ڊپٽي ڪمشنر چيئرمين طور شامل هوندو، جڏهن ته ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتال جو ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ (ايم ايس) ۽ ايس ايس پي ميمبرن طور شامل هوندا قانون تحت اينٽي ريپ ڪرائسس سيل جي چيئرمين ڊپٽي ڪمشنر جي ذميواري آهي ته سندس نگراني هيٺ ڏاڍائي واري واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ سميت متاثر جو فوري طبي معائنو ڪرايو وڃي ۽ ڊي اين اي جا نمونا ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتال مان حاصل ڪيا وڃن پر قانوني ماهرن موجب آسيا کوسو ڪيس ۾ اينٽي ريپ ڪرائسس سيل جو ڪردار ڪٿي به نظر نه آيو نه ئي چيئرمين اينٽي ريپ ڪرائسس سيل ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد طرفان ڪا موثر نگراني سامهون آئي وڌيڪ اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته اينٽي ريپ ڪرائسس سيل جي ضابطن جي ابتڙ آسيا کوسو جا ڊي اين اي نمونا ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتال بدران تعلقه اسپتال ٺل مان ورتا ويا جنهن کي قانوني تقاضائن جي کليل خلاف ورزي قرار ڏنو پيو وڃي.
-
ناري جي وارثن طرفان پوليس پڪٽ لڳائڻ کان انڪار
جيڪب آباد :ٺل ڀرسان پوليس زيادتي جو شڪار ٿيل ناري آسيه کوسو وارو مامرو، ناري جي وارثن ايس ايس پي جيڪب آباد محمد ڪليم ملڪ پاران اعلان پوليس پڪٽ ۽ چار اهلڪارن کي وارثن واپس ڪندي پوليس پڪٽ لڳائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ ناري آسيه کوسو جي وارثن ڏاڏي نور خاتون ٻڌايو ته جن پوليس وارن اسان سان زيادتي ڪئي آهي اهي وري اسان جو تحفظ ڪيئن ڪندا، ايس ايس پي جيڪب آباد چار پوليس اهلڪار موڪليا هئا جيڪي اسان واپس ڪري ڇڏيا آهن، اسان کي پوليس جي ضرورت نه آهي.
-
پوليس حقيقتون لڪائي رهي آهي، ناري آسيا کوسو ذهني دٻاءُ جو شڪار آهي: زبيدا جکراڻي
جيڪب آباد: ڪيس معاملي تي وڪيل اڳواڻ زبيدا جکراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ناري آسيا کوسو جو ڪيس ايف آءِ اي حوالي ٿيڻ سان وڌيڪ حقيقتون سامهون اينديون جيڪي پوليس لڪائي رهي آهي ناري آسيا کوسو ذهني دٻاءُ جو شڪار آهي جيڪي قانون جا رکوالا ئي قانوني جي ڀڃڪڙي ڪري اسان جي نياڻين کي زيادتي جو نشاڻو بڻايو آهي هي تمام بدترين ڪيس آهي جنهن تي اسان جي سماج ۾ رهندڙ هر فرد تي اثر پيا آهن، اسان پهرين ڏينهن کان وٺي ناري آسيا کوسو سان گڏ آهيان هو پهرين ڏينهن کان ذهني دٻاءُ جو شڪار آهي باقي اسان کي اميد آهي نياڻي آسيا سان انصاف ٿيندو، ڊسٽرڪٽ بار جي اڳوڻي صدر عبدالجبار لاشاري چيو ته اسان ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي پاران جيڪو ناري جو ڪيس ايف آئي اي حوالي ڪيو آهي ان جي اسان آجيان ڪريون ٿا ٿو ته اسان چاهيون ٿا پوليس جي پاران جيڪو ڪيس ڪيو ويو آهي ان جا اصل جوابدار سامهون اچن.