ايم ڪيو ايم ڪراچي کي وفاق جو حصو قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ارڙهين ترميم تحت اسان جي نسل ڪشي ٿي رهي آهي، تنهنڪري وفاقي حڪومت آرٽيڪل 148 تي عمل ڪندي ڪراچي کي وفاق جو حصو قرار ڏئي.
بهادرآباد آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو ته هي شهر اڳ اهڙو نه هو، اسان ڪيترو رت ڏيون ۽ ڪيترا حادثا ڀوڳيون؟ ڪراچي واسين جي نسل ڪشي ٿي رهي آهي.
هن چيو ته انسانن جون آٿتون ڪا اهميت نٿيون رکن، ايم ڪيو ايم وڏين پارٽين مان هڪ آهي، اسان پنهنجي ذميوارين کان ڀلي ڀت واقف آهيون.
وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته اهو نه ڏسو ته ڪهڙي لهجي ۾ ڳالهائي رهيو آهيان، اهو ڏسو ته ڇا چئي رهيو آهيان، رياست کان مطالبو ڪيون ٿا ته ڪراچي کي وفاق جو حصو قرار ڏنو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.