عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائينداسين:مرتضيٰ وهاب

ڪراچي(رپورٽر) سانحي گل پلازا بابت ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوششن کي ناڪامبڻايو ويندو، رپورٽ جلد سامهون آندي ويندي۔مرتضيٰ وهاب سي پي او ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جو دورو ڪيو. ميئر ڪراچي چيو ته گل پلازا ۾ فائر ٽينڊرز ۽ اسنارڪلز جي پهچڻ جي وقت جي جاچ ڪئي وئي آهي، حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪري عوام کي گمراهه ڪيو پيو وڃي، جيڪو انتهائي افسوسناڪ آهي۔مرتضيٰ وهاب ٽوئيٽ ۾ چيو ته سمورن شاهدين ۽ حقيقتن سان گڏ رپورٽ حتمي مرحلن ۾ آهي، رپورٽ ۾ فائر بريگيڊ جي ڪارروائي بابت مڪمل تفصيل شامل هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.