وفاقي سرڪار پاران اسٽيل ملز جي بحالي جو اعلان

اسلام آباد(بيورو)صنعت ۽ پيداوار بابت  وزيراعظم جي خصوصي معاون هارون اختر اسٽيل ملز جي بحالي جو اعلان ڪريڇڏيو آهي۔اسلام آباد ۾ ميڊيا بريفنگ دوران هارون اختر چيو ته اسين اسٽيل ملز کي بحال ڪري رهيا آهيون، اسٽيل ملز ۾ رڳو روس نه پر چار مختلف پارٽيون دلچسپي رکن ٿيون، جڏهن ته جلد ئي نيو انرجي ويهيڪل پاليسي به آندي ويندي۔هن وڌيڪ چيو ته ويڪسين ۽ سولر پاليسي به متعارف ڪرائي رهيا آهيون، پيداواري شعبي جي ترقي تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، ان کان علاوه پاڪستان ۾ هوم اپلائنسز تيار ڪرڻ بابت به غور ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.