ورلڊ ڪپ لاءِ ڀارت نه وڃڻ وارو مامرو، پي سي بي پاران بنگلاديش جي موقف جي حمايت، آءِ سي سي کي خط لکي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي عالمي ڪپ لاءِ ڀارت نه وڃڻ واري معاملي تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي کي خط لکي ڇڏيو.
ميڊيا رپورٽن موجب، خط ۾ پاڪستان سموري صورتحال دوران ڀارت ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ميچون نه کيڏڻ بابت بنگلاديش جي موقف جي حمايت ڪئي آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي بورڊ ميمبرز ڏانهن به خط جي ڪاپي اماڻي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ آءِ سي سي معاملي تي اڄ بورڊ جو اجلاس سڏائي ورتو آهي.
رپورٽ موجب، آءِ سي سي بورڊ اجلاس ۾ بنگلاديش جي ڀارت نه وڃڻ واري فيصلي تي غور ڪيو ويندو، آءِ سي سي طرفان بنگلاديش جي ميچن جو وينيو تبديل ڪرڻ جو امڪان گهٽ آهي، جڏهن ته پي سي بي بنگلاديش جون ميچون پاڪستان ۾ ڪرائڻ جي تجويز به ڏئي چڪو آهي.
واضح رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ بنگلاديش جي فيصلي سبب عالمي ڪپ ۾ شرڪت بابت پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ جو به اشارو ڏئي چڪو آهي.
ياد رهي ته بنگلاديش سيڪيورٽي خدشن سبب ورلڊ ڪپ لاءِ ڀارت نه وڃڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ آءِ سي سي سان جاري ڳالهين دوران به بنگلاديش پنهنجي موقف تي قائم آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.