اسلام آباد( عمران شفقت)دفاع واري وزيرخواجا آصف پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان جي سياسي اشرافيه کي سخت تنقيد سان نشانوبڻايو۽ چيو ته موجوده اسٽيبلشمنٽ ملڪ جي اصلاح ۽ مستقبل لاءِ ڳڻتي رکي ٿي، پر سياسي جماعتون پنهنجو اقتدار مرڪزي رکڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون، جنهن ڪري گورننس ڪمزور رهي ٿي.گل پلازا جهڙن واقعن مان واضح ٿيو ته ڪراچي جهڙي وڏي شهر کي منظم ڪرڻ لاءِ مقامي حڪومتن کي بااختيار بڻائڻ ضروري آهي.اختيارات ضلع، تعلقي يونين ڪائونسل جي سطح تائين منتقل ٿيڻ گهرجن، جتان حقيقي نمائندگي ۽ حل ممڪن ٿئي.جيڪڏهن مقامي سطح تي نمائندگي نه هوندي، نه ته فائر برگيڊ، نه عام مسئلا حل ٿيندا.عمران خان جي مقبوليت به ان حقيقت سان جڙيل آهي ته خاندانن خلاف مضبوط سياسي حڪمت عملي ڪئي وئي.پيپلز پارٽي کي به ڪجهه حد تي جاءِ ڏني وئي، پر ان باوجود ڪراچي ۾ واقعن جي ذميواري پيپلز پارٽي تي آهي.گل پلازا ۾ حادثو، ضلعي سطح تي انتظامي ڪم جي کوٽ ۽ خراب گورننس جو نتيجو آهي.پيپلز پارٽي پنهنجي ذميواري مڪمل نه ٿي ڪري سگهي ۽ حادثن جي بعد به ردعمل ڪافي ڪمزور رهيو.