سڊني (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي آسٽريلوي بيٽر مارڪ وا سڊني سڪسرز کي تجويز ڏني آهي ته 23 جنوري تي ٿيندڙ بي بي ايل جي ناڪ آئوٽ ميچ ۾ بابراعظم کي پليئنگ اليون کان ٻاهر رکڻ بابت غور ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ٽيم کي اوپنر طور جارحاڻو بيٽر گهربل آهي.
مارڪ وا اِها تجويز هوبارٽ هيريڪينز ۽ ميلبورن اسٽارز ۾ جاري ناڪ آئوٽ ميچ دوران ڪامينٽري ڪندي ڏني، جتي هن سوال اٿاريو ته ڇا سڊني سڪسرز جو موجودا ٽاپ آرڊر ٽيم لاءِ مناسب آهي؟
هن بابراعظم جي ڪلاس ۽ تجربي کي ڪيو، پر ان سان گڏوگڏ ليگ دوران ٽيم لاءِ سندس سُسٽ بيٽنگ تي به ٽيڪا ٽپڻي ڪئي.
واضح رهي ته بابراعظم بِگ بيش ليگ ۾لڳاتار خراب ڪارڪردگي بحث جو موضوع بڻيل آهي.